ايل اين جي ريفرنس: شاهد خاقان عباسي جي ضمانت بابت تفصيلي فيصلو جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت ايل اين جي ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي جي ضمانت جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.

تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نيب جو اهو ڪيس ئي ناهي ته شاهد خاقان عباسي ڪي مالي فائدا ورتا، اين اين جي ٽرمينل ۾ ڪنهن غير شفافيت جو تنازعو ئي ناهي، ايل اين جي ٽرمينلز جي منظوري واسطيدار فورزم ڏني.

فيصلي موجب ايل اين جي ڪنلسٽنٽ کي في آمريڪي اداري طرفان ادا ڪئي وئي هئي، شاهد خاقان عباسي جي هدايتن تي ڪنسلٽنٽ جي مقرري جو نيب ڪو به رڪارڊ پيش نه ڪري سگهي.

تحريري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ خط و ڪتابت جي نتيجي ۾ ڪنسلٽنٽ جي مقرري ٿي، نيب نه ٻڌايو سگهيو ته شاهد خاقان ٻئي رياست تي ڪنسلٽنٽ جي مقرري جي حوالي سان ڪيئن اثر انداز ٿي سگهي ٿو.

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته شاهد خاقان عباسي خلاف هڪ ئي مواد پيٽرول واري اڳوڻي سيڪريٽري جو وعدي معاف گواهه طور بيان آهي، وعدي معاف گواهه جي بيان جي حيثيت ۽ نيب چيئرمين طرفان مليل معافي تي هاڻي ڪا به آبررويشن نه پيا ڏيون.

تحريري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ايل اين جي ٽرمينل عوام مفاد هو يا نه؟ ان تي وڌيڪ جاچ جي ضرورت آهي، نيب نه ٻڌايو سگهيو ته شاهد خاقان کي وڌيڪ گرفتاري هيٺ رکڻ ڇو ضروري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.