حڪومت نااهل آهي، پ پ پاڻي تي سياست نه پئي ڪري: سهيل انور سيال

سکر(ويب ڊيسڪ) آب پاشي واري صوبائي وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته پيپلز پارٽي پاڻي تي سياست نه پئي ڪري.

سکر ۾ پريس ڪانفرنس دوران سهيل انور سيال چيو ته اڄ سنڌ ۽ بلوچستان جا آبادگار ڌرڻا هڻي رهيا آهن.

هن چيو ته اِهو وقت ٻن صوبن جي عوام کي آمهون سامهون ڪرڻ جو ناهي، نااهل حڪومت سنڌ ۽ بلوچستان جي آبادگارن کي نقصان رسايو.

سهيل انور سيال وڌيڪ چيو ته ارسا ۽ وفاق جي نااهلي سان سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پاڻي جي کوٽ آهي، اسٽيڊنگ ڪميٽي ۾ اِها ڳالهه ڪيترائي ڀيرا ڪئي آهي.

سندس چوڻ هو ته ميٽنگ ۾ طئي ٿيو ته عالمي ماهرن جي ٽيم ان شئي جي جاچ ڪندي پر نااهل نيازي حڪومت اسان جي سفارش رد ڪري واپڊا کي شامل ڪري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.