مٺي: لجپت سوراڻي سميت ٻين کي جيل مان آزادي کانپوءِ قافلي جي صورت ۾ آندو ويو

 

مقتول دودي ڪيس ۾ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو هڻڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار لجپت سوراڻي سميت ٻين کي جيل مان آزادي کانپوءِ ميرپورخاص کان مٺي ۽ اسلام ڪوٽ تائين قافلي جي صورت ۾ آندو ويو، هزارين ماڻهن قافلي جو وک وک تي شاندار استقبال ڪري مٿان گلن جي ورکا ڪئي، قافلو جيئن ئي مٺي پهتو ته جلسي جي شڪل اختيار ڪري ويو ،جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي،مٺي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي لجپت راءِ سوراڻي،ڀيمراج ميگهواڙ ۽ ٻين چيو ته دودي کي ٿرڪول بلاڪ ٽو جي ڪمپني گارڊن ڪوڙي چوري جي الزام ۾ گرفتار ڪري نجي جيل ۾ بند ڪري مسلسل تشدد ڪري ماريو  هو  ۽ باقي 2 پورهيت غلام قادر کوکر ۽ مورو ڀيل تشدد ۾ زخمي ٿيا،جيڪي اڄ به معذور بڻيل آهن،هي ڪٿان جو قانون آهي جو توهان پورهيتن کي گرفتار ڪري قتل ڪيو،اسان دودي ڀيل جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ اسلام ڪوٽ ۾ پُرامن ڌرڻو هنيو،اُنهي ڌرڻي تي ايس ايس پي ٿرپارڪر رات وقت لٺبازي ڪري شيلنگ ۽ آنسون گئس جو استعمال ڪيو،نتيجي ۾ 9 ڄڻن کي کنڀي گم ڪري 150 ڄڻن تي دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو،نيٺ پوليس پاڻ اي ٽي سي ڪورٽ ۾ ڪيس ثابت نه ڪري سگهي ۽ عدالت سمورن گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪيو،هاڻي ڪوڙي ڪيس جو ڪيس به پوليس خلاف داخل ٿيڻ گهرجي،

جلسي کي اباب انور،ڀڳوانداس ڀيل،گومون ڀيل پڻ خطاب ڪيو، هزارين ماڻهن جو قافلو لجپت راءِ سوراڻي جي اڳواڻي ۾ اسلام ڪوٽ پهتو،جتي اڳواڻن جي خطاب کانپوءِ سڀئي ماڻهو قافلي جي صورت ۾ ڳوٺ ابن جو تڙ پهتا،جتي دودي ڀيل جي وارثن سان تعزيت ڪئي ويئي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.