بلاول ڀٽو زرداريءَ ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ کي يوٽرن پارٽيون قرار ڏئي ڇڏيو

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تحريڪ انصاف ۽ ن ليگ کي يوٽرن وٺندڙ پارٽيون قرار ڏئي ڇڏيو.

آزاد ڪشمير ۾ جلسي کي خطاب ۾ بلاول ڀٽو زرداري اليڪشن ۾ سندن مقابلي ۾ حريف پارٽين تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته اسان پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ جيان يوٽرن وٺڻ وارا ناهيون.

هن چيو ته سليڪٽڊ وزير اعظم ماڻهن کان لٽو، اٽو ۽ اجهو کسي رهيا آهن، توهان کي ڪشمير کي تباهي کان بچائڻو آهي.

پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته ڪشمير جي مستقبل جو فيصلو ڪشميري عوام ڪندو، اِهو ئي پيپلز پارٽي جو فلسفو رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته اسان پرويز مشرف کي ڀڄايو ۽ نواز شريف جو مقابلو ڪيو، جيالا هٿ ٺوڪي حڪومت کي ڀڄائيندا ۽ ڪشمير جو سودو نه ٿيڻ ڏيندا.

بلاول ڀٽو زرداري اِهو به چيو ته عوام سان گڏجي نالائق ۽ نااهل سليڪٽڊ حڪومت جو مقابلو ڪنداسين، نااهل حڪومت کي به ائين ڀڄائينداسين جيئن سڀني کي ڀڄايو.

پ پ چيئرمين واضح طور چيو ته عمران خان ڪلڀوشن ياديو کي اين آر او ڏيڻو آهي ته پاڻ ئي ڏئي ڇڏي، ان معاملي ۾ پيپلز پارٽي ملوث نه ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.