وزيراعظم رٺل بلوچن سان ڳالهين لاءِ تيار، سرفراز بگٽي سان ملاقات

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) رٺل بلوچن کي پرچائڻ جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان اڳوڻي گهرو وزير سرفراز بگٽي کي ملاقات جي لاءِ گهرائي ورتو.

ذريعن موجب وزيراعظم عمرانخان رٺل بلوچن سان ڳالهين جي لاءِ پهرين مرحلي ۾ بلوچستان جي اڳوڻي گهرو وزير سينيٽر سرفراز بگٽي کي ملاقات جي لاءِ گهرايو. ان موقعي تي سينيٽر انوار الحق به موجود هو. ذريعن موجب ملاقات ۾ بلوچستان جي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ۽ رٺل بلوچن سان ڳالهين جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ملاقات ۾ بلوچستان ۾ حڪومت جي ترقياتي پيڪيج جي معيشت ۽ عام ماڻهو جي زندگي تي مثبت اثرن ۽ مجموعي طور تي امن امان جي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون، صوبي ۾ امن امان جي صورتحال ۾ بهتري  جي لاءِ مذاڪر جي وزيراعظم جي فيصلي تي به مشاورت ڪئي وئي، جڏهن ته سينيٽرن وزيراعظم جي فيصلي کي ساراهيندي مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.