شاهه محمود قريشي جو آمريڪي هم منصب سان ٽيليفونڪ رابطو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي آمريڪي هم منصب اينٿوني بلڪن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. ڳالهين دوران ٻنهي اڳواڻن افغانستان ۾ امن جي حوالي سان گڏيل ڪوششن تي اتفاق ڪيو.

پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان، آمريڪا سان گهري ۽ گڏيل ٻه طرفي اقتصادي سهڪار، علائقائي رابطي کي هٿي ۽ علائقائي امن جي حوالي سان ٻه طرفي تعاون تي وسيع بنيادن ۽ ڊگهي عرصي تائين لاڳاپن جي لاءِ پرعزم آهي.

وزيراعظم عمران جي جيو ايڪنامڪ ويزن جو حوالو ڏيندي شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته پاڪستان آمريڪا سان ٻه طرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ ٻه طرفي اقتصادي سهڪار کي هٿي جو خواهشمند آهي.

پرڏيهي وزير علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا جي گڏيل مضبوط ۽ اعليٰ سطحي مذاڪرن جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ اتفاق ڪيو ته افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ ٻنهي ملڪن جي نڪتا چيني ۾ هڪجهڙي خوش آئنده آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.