ٽنڊو غلام حيدر ڀرسان ڳوٺ تي هيوي مشينون هلائي خالي ڪرايو ويو، متاثرن جون دانهون

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم بعد ٽنڊوغلام حيدر جي اسسٽنٽ ڪمشنر نثار علي شاھ،مختيارڪار نويد علي سپيو،اينٽي انڪروچمنٽ ايس ايڇ او عبدالجبار پهنور،ٽنڊوغلام حيدر ڊي ايس پي سيد انور حسين شاھ،ايس ايڇ او سيد آصف عباس شاھ،تپيدار صفدر علي پاران فتح باغ ڀرسان حاجي شاھ چئوڪنڊي قبرستان تان قبضو خالي ڪرائڻ لاءِ هيوي مشين ۽ پوليس جي وڏي نفري سان ڪانڍيرو سولنگي ڳوٺ کي خالي ڪرائي ڇڏيو ٻئي پاسي متاثر ڳوٺاڻن محمد اشرف سولنگي،ڪانڊيرو ،گل حسن،مختيار سولنگي سميت سوين عورتن ،مردن ۽ معصوم ٻارڙن ٻن ڏينهن جي مهلت لاءِ اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪندي چيو ويو ته سالن کان اسان جو ڳوٺ آباد آهي، انتظاميا اسان غريبن جا اجها ڊاهي بي گهر ڪيو آهي جنهن کانپوءِ معصوم نياڻيون کلي آسمان ويٺل آهن، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته انهن غريبن کي اجها اڏڻ لاءِ پلاٽ ڏئي انهن سان انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.