اسلام ڪوٽ: ٿرڪول ۾ فوت ٿيل انجنيئر جي وارثن پاران پٽيشن داخل ڪرائڻ جو اعلان

اسلام ڪوٽ:ٿرڪول بلاڪ ون ۾ فوت ٿيل انجنيئر هريش ڪمار جي وارثن ڪمپني خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ٿر ڪول بلاڪ ون ۾ اڍائي مهينا اڳ فوت ٿيل ڏيپلي جي ڳوٺ ويڙهيجپ واسي نوجوان سيفٽي آفيسر هريش ڪمار جي وارثن پيءُ ڪرشن ميگهواڙ،ڇنو مل،انجنيئر ڪبير ڪمار،ڪنول سنڌي ۽ ٻين پريس ڪلب اسلام ڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هريش کي وقت  تي اسپتال پهچايو وڃي ها ته هُو بچي وڃي ها، هنن چيو ته ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر اي سي جي رپورٽ بعد هريش جي موت جو ذميوار ڪمپني کي قرار ڏنو ويو آهي ، ،اسان اُنهي رپورٽ جي بنياد تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرايون ٿا، هنن چيو ته انهن  لکين روپيا خرچ ڪري هريش کي چين مان پڙهايو ته هُو پنهنجي ملڪ ۾ اچي روزگار ڪندو پر اسان کي روزگار بدران نوجوان جو لاش مليو آهي، هنن چيو ته انهن وزيراعظم جي آيل ڪميٽي کي به دانهن ڏني ،سنڌ حڪومت کي به دانهن ڏني آهي ته ڪمپني جي ملوث آفيسرن خلاف ڪاروائي ڪري انهن سان انصاف ڪيو وڃي،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.