دودي ڀيل بابت جوڙيل پارلياماني ڪاميٽي جا اڳواڻ اسلام ڪوٽ پهتا،وارثن سان تعزيت

ٿرڪول بلاڪ ٽو جي سيڪيورٽي گارڊن هٿان تشدد بعد قتل ٿيل دودي ڀيل جي واقعي تي وفاقي حڪومت پاران جوڙيل پارلياماني ڪاميٽي جا اڳواڻ اسلام ڪوٽ پريس ڪلب پهتا،وفاقي پارلياماني سيڪريٽري انساني حقوق ايم اين اي لال مالهي جي اڳواڻي ۾ شنيلا رٿ،چيلارام ڪيولاڻي،ڪنول اعجاز،ڪرشن شرما ۽ ٻين مقتول دودي جي وارثن سان تعزيت ڪري تفصيل معلوم ڪيا،جنهن بعد ڪميٽي پريس ڪلب پهچي صحافين کان به تفصيل معلوم ڪيا،ڪميٽي جي سربراھ ايم اين اي لال مالهي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان رپورٽ ٺاهي وزيراعظم کي پيش ڪنداسين،دودي جي وارثن جو چوڻ آهي ته ٿرڪول تي ڪم ڪندڙ ڪمپنيون زيادتيون ڪن ٿيون هاڻي ته گارڊن هٿان اسان جي نوجوانن کي تشدد ڪري ماريو پيو وڃي، لال مالهي چيو ته مقتول دودي جي وارثن سان ھر صورت ۾ انصاف ٿيندو پوليس تشدد شرمناڪ عمل آھي، ،مينارٽي ڪميشن جي چيئرمين چيلارام ڪيولاڻي چيو ته مقتول دودو جي گھر واري ۽ امڙ تي پوليس تشدد ڪيو آھي،اسان سڀ شرمسار آھيون،دودي ڀيل جي قتل ڪيس کي انسانيت جو قتل سمجهون ٿا،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.