”سنڌ حڪومت جو ڪراچي ۾ سياسي ايڊمنسٽريٽر جي مقرري وارو فيصلو مناسب ناهي“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت جو ڪراچي ۾ سياسي ايڊمنسٽريٽر جي مقرري وارو فيصلو مناسب ناهي.

سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گورنر هائوس ۾ وزير اعظم عمران خان جي موجودگي ۾ هڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ طئي ٿيو ته ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر غير سياسي هوندو جيڪو حڪومت ۽ مخالف ڌر پارٽين تي ٻڌل سايسي پارٽين جي مشاورت سان مقرر ٿيندو پر سنڌ حڪومت جو هڪ طرفو فيصلو ڪنهن به طرح مناسب ناهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ جي عوام جا مسئلا بنيادي نوعيت جا آهن ۽ انهن جو حل انتهائي ضروري آهي، هن وقت سنڌ ۾ ماڻهن جون نظرون عمران تي آهن ماڻهو تبديلي ٿا چاهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.