سرڪاري اسڪولن ۾ غير حاضري تي استادن کي سخت سزا ڏيڻ جو اعلان

(ويب ڊيسڪ) انتظاميا سرڪاري اسڪولن ۾ غير حاضر رهندڙ استادن خلاف سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

سنڌ سميت سڄي پاڪستان ۾ غير حاضر رهندڙ استادن جي خلاف ڪارروائيون ٿينديون رهيون آهن پر تازو ئي انتظاميا گوسڙو استادن کي سخت سزا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

خيبرپختونخواهه جي تعليم کاتي سمورن ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرن کي خط لکي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري اسڪولن جي استادن جي ٻه ڏينهن غير حاضر رهڻ تي هڪ ڏينهن جي پگهار ڪاٽي ويندي.

ٽي ڏينهن غير حاضر رهڻ تي هڪ سال جي لاءِ انڪريمنٽ روڪي ويندي، چار ڏينهن غير حاضري تي استاد کي ٻه انڪريمنٽ ٽن سالن تائين نه ملنديون.

پنج ڏينهن غير حاضر رهڻ تي استاد جي بدلي، ريٽائرمنٽ يا وري کيس نوڪري مان به فارغ ڪري سگهجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.