ڏهرڪي، نوابشاهه، دريا خان مري ۽ دوڙ جون خبرون

ڏهرڪي: ڳوٺ خان فارم جي ڳوٺاڻن  پاران بااثرن خلاف احتجاج

نوابشاهه: 10 ڏينهن اڳ قتل ٿيل نوجوان جي وارثن پاران مظاهرو ، ڌرڻو

دريا خان مري : ريلوي ٽريڪ ڪراس ڪندي پيرسن شخص ٽرين ھيٺان اچي فوت

دوڙ: ڪمبوهه برادري جي 2 ڀائرن جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار، ڌرڻو ختم

1

ڏهرڪي ڀرسان ڳوٺ خان فارم جي ڳوٺاڻن  پاران بااثرن خلاف ايس پي آفيس اڳيان احتجاج ڪيو  ويو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن محمد امين،  محمد حسن،  مائي لڌائي، مائي نھالان چيو ته 4 ڏينھن کان ڳوٺ جي وڏيرن گل محمد، بخش علي شھزادو اربيلو نادر ڌونڌو انهن جي گهٽي جو رستو بند ڪري ڇڏيو آھي جيڪا گڏيل گهٽي آهي ۽ اها ٽيهه سالن کان گڏجي استعمال ڪن ٿا،  ھنن چيو ته ڏھرڪي پوليس به وڏيرن سان ٻٽ بڻيل آھي ،هنن ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو  ته بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري انهن جو لنگهه کولرايو وڃي….

2

ضلعي نوشهرو فيروز جي ڳوٺ درمحمد جتوئي جي عورتن ۽ مردن پاران ڏھه ڏينهن اڳ قتل ٿيل نوجوان شاھجھان چهواڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ قرآن پاڪ مٿي تي رکي ڊي آئي شھيد بينظيرآباد آفيس ٻاھران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،  مقتول نوجوان جي والد الله بخش چوھاڻ، ماءُ صحت خاتون ۽ ڀاءُ منظور احمد چوھاڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران نٽھڻ اس ۾ پيرن اگهاڙين روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ويو،  جوابدارن خلاف ڪيس محبت ديرو ٿاڻي تي داخل ڪرايو آھي پر ايس ايس پي وڏيري عبدالغفار ڏھراج جو دوست ھجڻ ڪري ان خلاف ڪا به ڪارروائي نٿو ڪري، جنھن ڪري اسان مجبور ٿي احتجاج ڪري رھيا آھيون ، ھنن مطالبو ڪيو ته جوبدارن کي گرفتار ڪري کين سزا ڏني ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

3

دريا خان مري ڀرسان ڪوٽ لالو ريلوي اسٽيشن تي  ريلوي ٽريڪ ڪراس ڪندي فيض گنج جي علائقي ڀنگو بھڻ واسي پيرسن شخص 75  ورهين جو صادق علي جٽ لاھور کان ڪراچي ويندڙ گرين لائين ٽرين ھيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو،  اطلاع تي ريلوي پوليس پڊعيدن واقعي واري ھنڌ پھچي پيرسن جو لاش پنھنجي تحويل م وٺي پوسٽ مارٽم لاء رورل ھيلٿ سينٽر پڊعيدن منتقل ڪيو ،جتي ضروري ڪاروائي بعد پيرسن جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ، سندس وارث لاش پڊعيدن کان ڀنگو بھڻ کڻائي ويا

4

گذريل ڏينهن دوڙ لڳ ڳوٺ نظير ڪمبوه ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙي دوران فائرنگ ۾ قتل ٿيل 2 ڀائرن اصغر علي ۽ ارشد علي ڪمبوه جا مک جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف وارثن پاران لاش رکي مهراڻ  هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب 5 ڪلاڪ ٽريفڪ معطل رهي،  احتجاج کان پوءِ دوڙ پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي مک جوابدارن ناصر، شعيب ۽ عبدالجبار ڪمبوه کي گرفتار ڪري ورتو جنهن بعد مقتولن جي وارثن سان ڊي ايس پي دوڙ، ايس ايس او مبين پرهياڙ ۽ پ پ پ اڳواڻ ظفر علي زرداري ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو ، مقتولن جي شام جو تدفين ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.