ملير: ڳوٺ محراب جوکيو ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو،10 ڄڻا زخمي

ڪراچي جي علائقي ملير ويجهو سپر هاءِ وي سان لڳ قديمي ڳوٺ محراب جوکيو ۾زمين جي مالڪي تان جوکيا برادري  جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، هڪ ڌر جي ماڻهن زمين ڌار ڪرڻ لاءِ نشان لڳايا ته ٻي ڌر جي ماڻهن کي خبر پئجي وئي جيڪي عورتن سميت گهرن مان نڪري پيا ۽ مخالفن سان مزاحمت ڪئي، ان دوران علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو ۽ ڌرين هڪ ٻئي تي شديد فائرنگ پڻ ڪئي، علائقي واسين موجب فائرنگ سبب علائقي ۾ شديد ڏهڪاءَ واري صورتحال ٿي وئي ، ٻڌايو پيو وڃي ته فائرنگ ۽ ڏنڊا لڳڻ سبب 4 عورتن سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ مسمات فاطمه، ثنا، شيرين، بشيران، شبير، عزيز، رحيم، ضمير، ناٿن، منور ۽ ٻيا شامل آهن جن کي جناح اسپتال داخل ڪيو ويو ، جتي فاطمه جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ان موقعي تي محراب جوکيو ڳوٺ واسي جوکيا برادري جي ماڻهن ٻڌايو ته جهيڙو ٻن ڌرين وچ ۾ زمين جي مالڪي جي دعويٰ تان ٿيو آهي ، هنن چيو ته ماڻهن کي هٿ سان وٺي جهيڙي ۾ لاهي بينگاهه ڌڪي ڪرايو ويو، سندن چوڻ هو ته هي قديمي ڳوٺ آهي ۽ هو هتي ورهين کان آباد آهن، هتي هڪ زمين آهي جنهن جي مالڪي تان انهن جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو هلندڙ آهي، ٻئي پاسي عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي سليم جوکيو دعويٰ ڪئي ته ڄاڻايل 8 ايڪڙن 9 گهنٽا زمين ان جي ملڪيت آهي ان جو رڪارڊ موجود آهي، اها زمين اڳ غلام قادر جوکيو حاجي سردار ناگوري کي کپائي هئي ۽ 6 سال اڳ اها زمين هن خريد ڪئي، هن چيو ته اها زمين محراب جوکيو ڳوٺ سان لڳ آهي ۽ صبح جو زمين کي چئوديواري ڏيارڻ لاءِ مزدور موڪليا ۽ ڀر واري گهر جي مالڪ کي پردو ڪرڻ لاءِ چيو جنهن تان جهيڙو ٿيو ، ان بعد  ڳوٺاڻن ڪهاڙيون کڻي سندن ماڻهن کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي بچاءَ ۾ فائرنگ ڪئي، هن چيو ته اسان جا به 4 ماڻهو ڌڪي ٿيا جن کي جناح اسپتال موڪليو آهي، هاڻي ڪارروائي به هڪ پاسي کان ٿي رهي آهي، هن چيو ته علائقي جي بااثر ماڻهن هن کان 30 لک رپيا ڀتو به گهريو آهي، عورتون جن کي ڪابه خبر نه هئي انهن کي جهيڙي ۾ لاهي کين ڌڪي ڪرايو ويو ، هن چيو ته جاچ ڪرائي وڃي زمين جو اصل مالڪ هو ئي آهي ،ٻئي پاسي اڳوڻي ڪونسلر حسن جوکيو عوامي آواز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هي زمين ڳوٺ جي آهي جنهن جي پلاٽنگ ڪرڻ لاءِ ماڻهن اچي ڪم شروع ڪيو جنهن تان جهيڙو ٿيو آهي، ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث  4 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.