”گذريل سال امتحان نه وٺڻ سبب مسئلن جنم ورتو“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته گذريل سال امتحان نه وٺڻ سبب مسئلا پيدا ٿيا.

قومي اسيمبلي کي خطاب ۾ شفقت محمود چيو ته هاڻ فيصلو ڪيو ويو ته ڪو به گريڊ امتحان کان سواءِ نه ڏنو ويندو، افسوس جو ايوان ۾ چيو ويو ته امتحان نه وٺنداسين.

هن چيو ته اتحاد تنظيمان مدارس به چيو ته اسان جا شاگرد ميٽرڪ، ايف اي ۽ ايف ايس سي جا امتحان ڏيندا.

تعليم واري وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ، ڪشمير، گلگت بلتستان سميت سمورن صوبن امتحانن بابت گڏيل فيصلو ڪيو.

سندس چوڻ هو ته نائين، ڏهين، يارهين ۽ ٻارهين جا امتحان 10 جولاءِ کان پوءِ هر صورت ۾ ٿيندا.

شفقت محمود اِهو به چيو ته هڪ جهڙو نصاب مرتب ڪيو آهي، جيڪو سرڪاري اسڪولن، مدرسن ۽ خانگي اسڪولن جي لاءِ به هوندو، سنڌ کان سواءِ سمورن صوبن ان نصاب کي قبول ڪيو، سنڌ سان ڳالهيون ٿي رهيون آهن.

هن چيو ته پهريون ڀيرو اقليتي برادري، سک  برادري، ڪيلاش سميت اقليتن جي لاءِ الڳ نصاب مرتب ڪيو ويو آهي.

تعليم واري وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ڪورونا وائرس جي ڪري اسڪول بند ٿيا ته اسان آن لائن اسڪولنگ سسٽم متعارف ڪرايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.