ڄامشورو: رٽائرڊ ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ خلاف احتجاجي ريلي

صوبائي بجيٽ ۾ سنڌ حڪومت طرفان رٽائرڊ ملازمن جي پگهارن ۾ صرف 10 سيڪڙو اضافو ڪرڻ واري عمل خلاف سنڌ يونيورسٽي ۽ مهراڻ يونيورسٽي جي رٽائرڊ ملازمن جي سڏ تي مور خان نوحاڻي, ڪامريڊ سومر خان جمالي, محمد مراد بليدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ريلي ڪڍي ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو، احتجاجي مظاهري ۾ رٽائرڊ گورنمينٽ ايمپلائيز ايسوسيئيشن سنڌ جي چيف آرگنائيزر ارشاد بروهي، اسحاق لاشاري، فتح محمد چانڊيو، محمد اسماعيل شورو ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي,

ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته چوٽ چڙهيل مهانگائي جي دور ۾ پگهارن ۾ 10 سيڪڙو ڪجهه به ناهي, هنن چيو ته رٽائرڊ ملازم بزرگن ۾ شامل آهن انهن جون به ڪي ضرورتون آهن، ڪيترين ئي بيمارين کي منهن ڏين ٿا ،هنن مطالبو ڪيو ته پينشن ۾ 20 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.