ڪوٽڙي: ڀٽائي ڪالوني واسي پاڻي جي کوٽ خلاف روڊ تي نڪري آيا

ڪوٽڙي جي سائيٽ واري علائقي ڀٽائي ڪالوني جا رهواسي پاڻي کوٽ خلاف روڊ تي نڪري آيا، رھواسين بستي روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ٽائرن کي باهه ڏني ۽ پاڻي ناھي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جا زوردرار نعرا هنيا، ان موقعي تي رھواسين ساجد سنڌي ـ علي اصغر ملاح ـ علي شير منگي ۽ ٻين چيو تہ پبلڪ هيلٿ انتظاميا هٿ وٺي پاڻي جي کوٽ پيدا ڪئي آهي، ھنن چيو ته  قهر جهڙي گرمي ۾ لکين ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻي کان محروم ڪيو ويو آهي ، هنن ڊي سي ڄامشورو، وزير اعلي سنڌ ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته کين پيئڻ جو پاڻي ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.