نوابشاھ: سڪرنڊ شگر مل انتظاميا جي ملازمن جي برطرفين خلاف مظاهرو

سڪرنڊ شگر مل انتظاميه پاران مل اندر ڪم ڪندڙ ملازمن کي برطرف ڪرڻ خلاف سڪرنڊ شگر مل ورڪ مين پاران ڪامريڊ اقبال، ڪامريڊ پير شھاب، جان رستماڻي، الياس مري، ڪامريڊ جمن ڏاھري، غلام قادر ڪيريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سڪرنڊ شگر مل جي انتظاميہ يونين جي عھديدارن کي غير قانوني برطرف ڪري ليبر ايڪٽ 2013ع جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آھي، ھنن چيو ته شگر مل انتظاميه گذريل 3 سالن کان يونين جي عھديدارن جا مسئلا ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي نه ئي ليبر ڊپارٽمينٽ ڪو ايڪشن وٺي ٿي، ھنن چيو ته شگر مل انتظاميه ملازمن کي نوڪرين تان فارغ ڪري انھن کي فاقه ڪشي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي، ھنن مطالبو ڪيو ته ملازمن کي نوڪريون تي بحال ڪري رھيل پگھارون جاري ڪيون وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.