حيدرآباد: ٽنڊو محمد خان واسين جو پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

ٽنڊو محمد خان جي رهواسي عورتن، مردن ۽ ٻارڙن پوليس پاران نوجوان منصور ملاح تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪرڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙ ارباب علي ملاح، فيصل خاصخيلي، حبدار علي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته منصور ملاح ڪيتري ئي عرصي کان علائقي ۾ هلندڙ سماجي براين خلاف سوشل ميڊيا تي لکندو هو جنهن تان  انتقامي ڪارروائي ڪندي ٽنڊو محمد خان جي پوليس سندس مٿان ڪوڙو ڊيوٽي اٽڪاءَ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي اسان غريبن سان ناجائزي ۽ ظلم آهي، جڏهن ته منصور ملاح هڪ سوشل ورڪر ۽ باشعور انسان آهي جنهن ڪري کيس ڦاسايو ويو آهي. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي پوليس خلاف سخت ڪارروائي ڪري فوري طور منصور ملاح کي بازياب ڪرايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.