ڄامشورو:صفائي واري عملي پاران 2 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

ڄامشورو ۾ صفائي ڪندڙ عملي پاران ٻن مهينن کان رهيل پگهارون نه ملڻ خلاف چوٿين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، ٽائون ڪاميٽي ڄامشورو جي ڪچن ملازمن اعجاز مسيح، ارشد مسيح، الياس مسيح، شان مسيح، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پگهارون نه ملڻ تي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو فريد الدين مصطفي ۽ ٽائون آفيسر ڪامران ڪلهوڙو خلاف ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد ٻن ڪلاڪن تائين علامتي بک هڙتال ڪئمپ قائم ڪئي ،

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ٽائون ڪاميٽي ڄامشورو لاءِ هر مهيني 70 لک رپيا بجيٽ اچي ٿي، ان باوجود اسان کي پگهارن کان محروم رکيو ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته رهيل پگهارون جاري ڪري کين پڪو ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.