گلشن اقبال: شهيد بينظير عوام جي دلين جي ڌڙڪن آهي:اقبال ساند

پي پي ضلعي اوڀر جي صدر اقبال ساند چيو آھي ته شھيد بينظير ڀٽو عوام جي دلين جي ڌڙڪن آھي ، ھن ڪڏھن به اصولن تي سوديبازي نه ڪئي آهي، ڪراچي جي علائقي سچل ڳوٺ ۾ پي پي سنڌ ڪائونسل جي ميمبر تاج محمد وساڻ طرفان شھيد بينظير ڀٽو جي 68 سالگرھ ملھائي وئي، سالگرھ تقريب ۾ پي پي ضلعي اوڀر جي صدر اقبال ساند۔پي پي سنڌ ڪائونسل جي ميمبر حاڪم علي جسڪاڻي۔حسين بخش ناريجي۔محمد حنيف سومرو۔شفقت ميراڻي۔عشرذڪوات جي اڳوڻي چيئرمين رحيم بخش گبول۔خان بھادر شر۔مصباح ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي اقبال ساند چيو ته شھيد بينظير ڀٽو عوام ۽ جمھوريت کي برقرار رکڻ لاء پنھنجي شھادت جو نذرانو پيش ڪيو، ھن چيو ته اڄ اسان کي عھد ڪرڻو پوندو ته شھيد راڻي جي ڏسيل واٽ تي ھلي پارٽي کي مضبوط ڪيون ،پي پي سنڌ ڪائونسل جي ميمبر تاج محمد وساڻ۔حاڪم علي جسڪاڻي۔حسين بخش ناريجو۔محمد حنيف سومرو ۽ ٻين چيو ته شھيد راڻي جيل جون سختيون ته برداشت ڪيون پر ڪڏھن به آمر آڏو سر نه جھڪايو ، تقريب جي آخر ۾ سالگرھ جو ڪيڪ ڪٽيو ويو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.