”حڪومت ۾ دهشتگردن کي دهشتگرد چوڻ جي به همت ناهي“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته حڪومت ۾ دهشتگردن کي کليل نموني دهشتگرد چوڻ جي به همت ناهي ته حڪومت انهن جي خلاف ڪارروائي ڪيئن ڪندي؟

بلاول ڀٽو زرداري جوهر ٽائون ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته پنجاب جي راڄڌاني ۾ امن جي قيام جي خراب ٿيندڙ صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي.

پ پ چيئرمين چيو ته زخمي ٿيل سمورن ماڻهن کي بهترين طبي امداد فراهم ڪئي وڃي، بلاول ڀٽو زرداري ڌماڪي ۾ فوت ٿيلن جي وارثن سان به افسوس جو اظهار ڪيو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته لاهور جهڙي پرامن شهر ۾ ڌماڪو ٿيڻ ڳڻتي جوڳو آهي.

پ پ چيئرمين مطالبو ڪيو ته ذميوارن کي ڪٺهڙي ۾ آندو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.