”نواز شريف جي زندگي جي ضمانت ڏيو ته اڄ ئي کيس واپس گهرايان“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته جيڪڏهن نواز شريف جي صحت ۽ زندگي جي ضمانت ڏني وڃي ته اڄ ئي ان کي واپس گهرائينديس.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز لاهور ڌماڪي جي مذمت ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ چيو ته پاڪستاني عوام کي پوليس جي قربانين تي فخر آهي.

هن حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته توهان جي ٽين بجيٽ چوٿين ناڻي واري وزير پيش ڪئي، ڪنٽينر تي چڙهي چوندا هيا ته روڊ ٺاهڻ سان ترقي نه ٿيندي، هاڻ موٽر ويز کي گروي رکڻ سان ڪهڙي ترقي ٿيندي؟

هڪ سوال جي جواب ۾ مريم نواز چيو ته جيڪڏهن نواز شريف جي زندگي ۽ صحت جي ضمانت ڏيو ته اڄ ئي کيس واپس گهرايان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.