نيب سنڌ جي اهم شخصيتن خلاف گهيرو تنگ ڪري ورتو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) اهم سياسي شخصيتن خلاف ڪارروائين جي تياري ڪري ورتي.

نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن جي پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ هڪ ريفرنس، 16 انڪوائريز ۽ 2 انويسٽيگيشنز جي منظوري ڏني وئي.

ذريعن موجب نيب پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس ۾ نثار کهڙي، غلام مرتضيٰ جتوئي، خدا بخش راڄڙ خلاف انڪوائري جي منظوري ڏني وئي.

اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي وزير بابر غوري جي مبينا فرنٽ مين ريحان منصور خلاف به انڪوائري جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته عبدالڪريم سومري خلاف انڪوائري بند ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.

اجلاس ۾ خطاب ڪندي جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو ته ملڪ مان بدعنواني جو خاتمو پهرين ترجيح آهي، ڪرپشن ڪيسن کي انجام تي پهچائڻ لاءِ پرعزم آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.