لاهور جي علائقي جوهر ٽائون ۾ ڌماڪو، 3 ڄڻا مارجي ويا، 20 کان وڌيڪ زخمي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي علائقي جوهر ٽائون ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جن مان 4 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

ڌماڪو جوهر ٽائون ۾ هڪ گهر ۾ ٿيو، جنهن جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو، جڏهن ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ ويجهين عمارتن جا شيشا به ڀڄي پيا ۽ اتي بيٺل گاڏين کي به نقصان پهتو.

ذريعن موجب ڌماڪي جي نتيجي ۾ زخمين کي مقامي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت اسپتال منتقل ڪيو.

شروعاتي جاچ رپورٽ موجب ڌماڪي ۾ 30 ڪلو گرام کان وڌيڪ پرڏيهي ساخت وارو مواد ۽ بال بيئرنگ استعمال ڪيا ويا، ڌماڪيدار مواد ڪار ۾ لڳل هو، ڌماڪو ريمورٽ ڪنٽرول ڊوائس سان ڪيو ويو.

پوليس موجب بارودي مواد جو ڌماڪو هڪ گهر ٻاهران بيٺل گاڏي ۾ ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي گهرن کي نقصان پهتو ۽ ڪيترائي واٽهڙو به زخمي ٿيا، ڌماڪي سان زمين ۾ 4 فوٽ اونهو کَڏو ٿي ويو ۽ پاڻي جا پائيپ ڦاٽي پيا.

اسپتال انتظاميا جو چوڻ هو ته ڌماڪي ۾ زخمين ٿيندڙن ۾ پوليس اهلڪار، هڪ عورت ۽ ٻه ٻار به شامل آهن ۽ سڙڻ سبب سڀني جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

هوڏانهن پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي پوليس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته ذميوارن کي بنا دير قانون جي پڪڙ ۾ آندو وڃي.

هن زخمين جي علاج جي بهتر سهولتن جي هدايت ڪندي جناح ۽ ٻين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي.

ٻئي پاسي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد پڻ واقعي جو نوٽيس وٺندي زخمين جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دعا ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ڌماڪي جي نوعيت جو پتو لڳايو پيو وڃي، وفاقي جاچ ادارا پنجاب حڪومت جي مدد ڪري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.