”خبر ناهي ته 26 ارب رپين جي ويڪسين ڪيڏانهن وئي“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملڪ ۾ ويڪسين جي کوٽ تي لاعلمي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مون کي خبر ناهي ته 26 ارب رپين جي ويڪسين ڪيڏانهن وئي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته چئني صوبن ۾ جيڪا ويڪسينيشن ٿي رهي آهي اُها وفاقي حڪومت فراهم ڪري رهي آهي ۽ هن وقت تائين ڪنهن صوبي ويڪسين ناهي خريدي.

سندس چوڻ هو ته عالمي ادارا وفاقي حڪومت کي ويڪسين ڏئي رهيا آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ عالمي بينڪ جي ڊائريڪٽر سان منهنجي ملاقات ٿي هئي ۽ هن چيو ته وفاقي حڪومت کي ويڪسين خريدڻ لاءِ چڱي رقم فراهم ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل اين سي سي اجلاس ۾ اسان کي چيو ويو هو ته ويڪسينيشن جي عمل کي تيز ڪيو ۽ ويڪسين جي فراهمي جي فڪر نه ڪيو.

مراد علي شاهه چيو ته بدقسمتي سان ڪجهه ڏينهن کان سڄي پاڪستان ۾ ويڪسين جي کوٽ ٿي وئي آهي، حالانڪ چيو ويو هو ته فڪر نه ڪيو پر اسان پنهنجو هدف رکيو آهي ته 2 لک جي ويڪسينيشن روزاني ٿئي.

وفاقي حڪومت بابت سندس چوڻ هو ته هو ويڪسين جي اگهه به نه پيا ٻڌائن، اسان آڇ ڪئي آهي ته اسان پنهنجو حصو وجهڻ چاهيون ٿا حالانڪ هنن کي عالمي سطح تي ڪروڙين ۽ اربين رپين جي امداد ملي رهي آهي.

هن چيو ته هو چئي رهيا آهن ته ان جي في الحال ضرورت ناهي، مون کي خبر ناهي ته 26 ارب رپين جي ويڪسين هئي ۽ ڪيڏانهن وئي.

نسلا ٽاور:

ڪراچي ۾ نسلا ٽاور ڪيرائڻ واري سپريم ڪورٽ جي حڪم بابت سوال تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ جو جيڪو حڪم هوندو ان تي عمل ڪرڻ جا پابند آهيون ۽ ان حوالي سان اسان ڪوشش ڪئي آهي.

سندس چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداري بينظير ڀٽو جي سالگرهه جي تقريب ۾ ان حوالي خطاب ۾ تفصيلي ڳالهيون ڪيون آهن ۽ چيو آهي ته اسان کي اِهو منظور ناهي ته بني گالا ريگولرائز ٿي وڃي پر گجر نالو ٽوڙيو وڃي، ان جو مقصد اِهو ٿيو ته متاثرن کي جاءِ ڏني وڃي.

نسلا ٽاور تي ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جو ڏاڍو سخت حڪم آهي، اِهو به حڪم ڏنو آهي ته ٽاور جا مالڪ پيسا واپس ڪن، سپريم ڪورٽ بحريا ٽائون به ريگولرائز ڪيو هو ته آئون عدالت کان بچندي اِها ئي درخواست ڪري سگهان ٿو ته ماڻهن جو سور ۽ انساني حقن جون حالتون پيدا ٿين ٿيون ته ان جو ضرور خيال رکو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.