سنڌ ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر جي امتحانن جي تاريخن جو اعلان ڪيو ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي صوبي ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر جي امتحانن جي تاريخن جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سنڌ جي تعليم کاتي اسٽيرنگ ڪميٽي جي فيصلن بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو جنهن موجب ڏهين درجي جا امتحان 5 جولاءِ ۽ ٻارهين جا امتحان 26 جولاءِ کان ٿيندا.

نوٽيفڪيشن موجب نائين جا امتحان ڏهين درجي جي امتحانن کان پوءِ ۽ يارهين درجي جا امتحان ٻارهين درجي جي امتحانن کان ورتا ويندا.

امتحاني پرچا 50 سيڪڙو ايم سي ڪيوز، 30 سيڪڙو مختصر ۽ 20 سيڪڙو طويل جوابن تي ٻڌل هوندا.

ٽن ڪلاڪن واري امتحان جو وقت 2 ڪلاڪ ۽ 2 ڪلاڪ واري امتحان جو وقت هڪ ڪلاڪ ڪيو ويو آهي.

ان کان سواءِ چوٿين درجي کان اٺين درجي جي امتحان اسڪول پنهنجي سهولت جي تحت وٺي سگهندا.

سنڌ ٽيڪنيڪل بورڊ جي تحت ڏهين درجي جا امتحان 6 جولاءِ ۽ ٻارهين جا 27 جولاءِ کان ٿيندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.