سپريم ڪورٽ اسٽيل ملز ملازمن جي ترقي بابت درخواستون رد ڪري ڇڏيون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ اسٽيل ملز ملازمن جي اڳئين گريڊ ۾ ترقي بابت درخواستون رد ڪري ڇڏيون.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ پاڪستان اسٽيل ملز جي ملامن جي اڳئين گريڊ ۾ ترقي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

عدالت انجنيئر سميع ميمڻ ۽ ٻين جي ترقين بابت درخوستون رد ڪري ڇڏيون.

چيف جسٽس آف پاڪستان ريمارڪس ڏيندي چيو ته توهان کي ڇو ترقي ڏني وڃي توهان ته ڪم ئي نه پيا ڪيو، توهان کي ڪهڙي ڳالهه جي تڪليف آهي، گهر ويهي پگهارون پيا کڻو، 2015ع کان جڏهن اسٽيل ملز جي پيداوار ئي بند آهي ته توهان کي ڇا جو پروموشن ڏيون.

درخواستگذارن جو چوڻ هو ته اسٽيل ملز جي پيداوار بند آهي پر باقي سمورا سيڪشن هلن پيا، 2011ع کان پروموشن ناهن ٿيا، ڪورٽ ۾ ڪيس جي باوجود اسٽيل ملز ملازمت مان ئي ڪڍي ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.