ايم ڪيو ايم جي بيان تي ناصر حسين شاهه جو رد عمل اچي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه متحده قومي موومنٽ پاڪستان جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم هر معاملي ۾ لسانيت کي کڻي ايندي آهي.

ڪراچي مان جاري پنهنجي بيان ۾ ناصر شاهه جو چوڻ هو ته حددخليون ۽ غير قانوني اڏاوت ڪرائي ڪراچي جو ٻيڙو غرق ڪندڙ توهان پاڻ آهيو، هاڻ روز اچي واڳون جا ڳوڙها وهائي ويندا آهيو.

سيد ناصر حسين شاهه چيو ته حددخلين ۽ غير قانوني اڏاوت سان شهر جو ٻيڙو غرق ڪندڙ توهان پاڻ آهيو، ڪراچي جو ايترو سور آهي ته ان جو ثبوت ڏيو ۽ وفاقي وزارتن تان استعيفائون ڏيو.

مڪاني ادارن واري صوبائي وزير جو چوڻ هو ته آدم شماري تي پيپلز پارٽي جو پهرين ڏينهن کان واضح موقف آهي ته سنڌ سان زيادتي ٿي آهي، سنڌ جي وڏي وزير آدم شماري جو معاملو هر آئيني فورم تي کنيو آهي.

هن چيو ته ڪراچي ۾ پرامن شهر بڻجي ويو آهي ان جو امن امان خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.