پرڏيهي وزير جي افغان مفاهمتي ڪونسل جي چيئرمين سان ملاقات

انقره(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي افغانستان جي قومي مفاهمتي ڪونسل جي چيئرمين عبدالله عبدالله سان ملاقات ڪئي آهي.

اِها ملاقات ترقي ۾ ٿيل انطاليه سفارتي فورم جي  موقعي تي ٿي جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن، افغان امن عمل سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان کي بين الافغان ڳالهين جي شروعات ۾ ڪاميابي ملي،  افغان قيادت ڳالهين جي ذريعي افغان مسئلي جو سياسي حل ڳولهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ناڪاري بيان ۽ الزام تراشيون ماحول جي خرابي جو سبب بڻجن ٿيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.