منشيات اسمگلنگ جو الزام، عمر قيد جي سزا مليل جوڙي جي سزا معطل

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ منشيات اسمگلنگ جي الزام عمر قيد جي سزا مليل جوڙي جي سزا معطل ڪري ڇڏي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس طارق سليم شيخ تي ٻڌل ٻه رڪني بيچ منشيات اسمگلنگ جي الزام ۾ عمر قيد جي سزا مليل جوڙي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

احمد علي ۽ ريحانه ڪوثر کي سيشن عدالت ساهيوال 2011ع ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي. سپريم ڪورٽ ثبوتن جي ٻيهر سڃاڻپ جي لاءِ اپيل کي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪيو.

فاضل عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته جوابدارن جي وڪيل فريادي جي ڪيس ۾ نقصان جي به نشاندهي ڪئي، ان ڪيس جي بنا نتيجي هئڻ جو تاثر به رد نٿو ڪري سگهجي.

لاهور هاءِ ڪورٽ چيو ته جوابدار 2011ع کان جيل ۾ آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تائين عدالت سزا معطل ڪري ٿي.

عدالت جوابدارن کي ضمانت لاءِ 5 لک جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.