گهارو: مقامي واٽر پارڪ جي سوئمنگ پول ۾ 4 ورهين جي ٻارڙي ٻڏي فوت

گهارو جي مقامي واٽر پارڪ ۾ 4 سالن جي نينگري ٻڏي فوت ٿي ويئي. ڪراچي واسي فيملي واٽر پارڪ ۾ تفريح لاءِ آيل هئي جتي  سندن 4 سالن جي ٻارڙي طابيه ڌيءَ انور سوئمنگ پُول ۾ وهنجڻ دوران  ٻُڏي فوت ٿي ويئي. فوتي نينگريءَ کي رورل هيلٿ سينٽر گهارو مان.ابتدائي پوسٽ مارٽم بعد والدين ڪراچي کڻائي ويا. ياد رهي ته گهارو جي واٽر پارڪن ۾ موڪل وارن ڏينهن ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن کان هزارين ماڻهو تفريح لاءِ ايندا آهن پر پارڪ انتظاميه پاران  پارڪن ۾ ماڻهن جي زخمي ۽ ٻڏڻ کان بچاءُ لاءِ ايمرجنسي ۽ ڊسپينسري سميت ڪي به  حفاظتي انتظام ناهن جنهنڪري اهڙا  حادثا پيش اچي رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.