ٺري ميرواهه ڀرسا لوئر سيڪنڊري اسڪول ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف مظاهرو

ٺري ميرواه جي ڳوٺ باقر خان شر جي بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول جي شاگردن ۽ استادن پاران اسڪول جي بلڊنگ ۾ واش روم ۽ پيئڻ جو پاڻي ۽ چوديواري نہ هجڻ سميت استاد گهٽ هجڻ ۽ ٻيون سهولتون نہ هجڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،  احتجاج ڪندڙ شاگردن  تنوير علي، حسنين علي، علي حيدر، نرما ملاح، خديجه شر ۽ ٻين  اسڪول جي هيڊماستر استاد قدير احمد، استاد محمد هارون شر، ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو تہ سندن اسڪول تمام پراڻو آهي جنهن ۾ 300 جي لڳ ڀڳ انرولمينٽ آهي  جنهن کي 20 کان وڌيڪ ڳوٺ لڳن ٿا ۽ پري پري تائين هاء اسڪول بہ ناهي ، هنن ٻڌايو ته ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت اسڪول جي بلڊنگ ٺهرائي هئي جيڪا ناڪارا بڻجي وئي آهي ۽ ڪمرا بہ تمام ننڍڙا ٺهيل اٿس جڏهن تہ ڳوٺاڻن پاران ٺهرايل ديوار بہ ڪري پئي آهي هن اسڪول کي استادن جي پڻ سخت ضرورت آهي  ۽ هاء اسڪول نہ هجڻ سبب  هن علائقي جون نياڻيون تمام گهڻو متاثر ٿين ٿيون،  هنن سنڌ حڪومت کان اسڪول جو درجو وڌائي هاء اسڪول جو درجو ڏئي نئين بلڊنگ سان گڏ مڪمل استادن جو عملو مقرر ڪري ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.