”جيڪڏهن ڪرپشن سان ترقي ٿئي ها ته اڄ سنڌ ڪيليفورنيا هجي ها“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير حماد اظهر بلاول ڀٽو ذرداري تي وار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪرپشن سان ترقي ٿئي ها ته اڄ سنڌ ڪيليفورنيا هجي ها.

قومي اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي بجيٽ تي خيالن جي اظهار کان پوءِ توانائي واري وفاقي وزير  حماد اظهر سندس حڪومت مٿان تنقيد جو جواب ڏنو.

ايوان ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي حماد اظهر چيو ته اسان کي اڄ نابالغ ليڪچر مليو، جن ڪڏهن واپار نه ڪيو اُهي ٻڌائي رهيا آهن ته معيشت ڪيئن هلائڻي آهي.

هن چيو ته ڇاتي مٿان لڳل ڪرپشن جو داڳ انگريزي ڳالهائڻ سان صاف نه ٿيندو، اسان کي ماڻهن چونڊيو آهي، اسان 10 پرسنٽ ۽ 20 پرسنٽ سان ناهيون آيا.

وفاقي وزير جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي جي دور ۾ مهانگائي جي شرح وڌيڪ رهي ۽ پيپلز پارٽي آءِ ايم ايف وٽ سڀ کان وڌيڪ وئي آهي جڏهن ته 4 سيڪڙو گروٿ تي هنن کي گهڻي تڪليف ٿي رهي هئي، مون ڊيٽا ڪڍي آهي، پيپلز پارٽي جي دور جي پنج سالن ۾ هڪ به سال اهڙو نه هو جنهن ۾ هڪ سيڪڙو گروٿ حاصل ڪيون ها.

هن وڌيڪ چيو ته اسان جي علائقن ۾ ڪتن جي چڪڻ سان ڪا بيماري ناهي پکڙجي، اسان انهن سڀني شين کان محفوظ آهيون ۽ اسان جي تڪ جا ماڻهو اسان کي گهڻو پيار ۽ محبت ڏيندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.