پارليامينٽ هنگامو: سراج الحق جو ملوث ميمبرن کان قوم کان معافي گهرڻ جو مطالبو

لاهور(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق پارليامينٽ ۾ ٿيل هنگامي ۾ ملوث ميمبرن کان قوم کان معافي گهرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

منصوره لاهور ۾ يوٿ ڪارڊ جي اجلاس کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته قومي اسيمبلي جي هنگامي بجيٽ جي گڏيل شڪل کي لوڏي ڪري ڇڏيو آهي، اهڙين حرڪتن سان ڪمزور جمهوري وڌيڪ ڪمزور ٿي ويندي.

هن چيو ته مهانگائي جو جن عوام جو سڀ ڪجهه کائي ويو، وفاقي بجيٽ وياج خورن ۽ سيڙپڪارن کي ئي مضبوط ڪندي.

جماعت اسلامي جي امير مطالبو ڪيو ته پارليامينٽ ۾ ٿيل هنگامي ۾ ملوث ميمبر قوم کان معافي گهرن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.