”مهانگي بجلي هر طرح جي مهانگائي کڻي ايندي آهي“

داسو(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته مهانگي بجلي هر طرح سان مهانگائي کڻي ايندي آهي.

وزير اعظم عمران خان ضلعي اپر ڪوهستان ۾ سنڌو درياهه تي اڏاوت هيٺ داسو هائيڊرو پراجيڪٽ تي جاري ڪم جو جائزو ورتو. ان موقعي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته ان منصوبي ۾ سستي ۽ صاف بجلي پيدا ٿيڻ سان ملڪ کي فائدو ٿيندو، اسان کي گهڻو پهرين اِهو ڪم ڪرڻ گهرجي ها ته سستي بجلي ملڻ سان عوام کي فائدو ٿئي ها.

عمران خان چيو ته مهانگي بجلي هر طرح مهانگائي کڻي ايندي آهي، ترٻيلا ۽ منگلا ڊيم مان سستي بجلي ملي هئي، 50 سالن پهرين صنعتن جي ترقي جي ڪري ئي سستي بجلي هئي، داسو هائيڊرو پراجيڪٽ مان سستي بجلي ملڻ سان مهانگائي به اڳتي وڃي گهٽ ٿيندي ۽ عوام ۽ صعنتن کي فائدو ٿيندو، ملڪ تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي، بجلي سستي ٿيڻ سان صنعت ڪاري ٿيندي جنهن سان دولت ۾ واڌ ٿيندي.

داسو پراجيڪٽ جي گڏيل بجلي جي پيداواري صلاحيت 4320 ميگا واٽ آهي، پراجيڪٽ ٻه مرحلن ۾ مڪمل ٿيندو ۽ هر مرحلو 2160 ميگا واٽ تي ٻڌل آهي، داسو جي اڏاوت هيٺ پهرين مرحلي جي لاڳت 511 ارب رپيا آهي، جنهن سان اپريل 2025ع ۾ بجلي جي پيداروار شروع ٿي ويندي ۽ نيشڻل گرڊ کي هر سال 12 ارب يونٽ سستي ۽ ماحول دوست بجلي مهيا ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.