ڪوٽڙي:دريا آباد ڪالوني واسين جو بجلي ڪاٽڻ خلاف پٺا اگهاڙا ڪري احتجاج

ڪوٽڙي جي دريا آباد ڪالوني واري علائقي جي رھواسين پاران ڪالوني جي بنا جواز بجلي ڪاٽڻ خلاف قميصون لاھي پٺا اگھاڙا ڪري انوکو احتجاج ڪيو ويو ۽ پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھڻي واپڊا عملدارن خلاف سخت نعري بازي ڪئي ،ان موقعي تي رھواسين سليم ڏاوڇ ـ راجا قريشي ـ رميز ملطاني ۽ ٻين چيو ته واپڊا عملدران بنا جواز اسان جي ڪالوني جي بجلي ڪاٽي ڇڏي آھي جنھن سبب ھو سخت گرمي ۾ ٽن ڏينھن کان بجلي کان محروم آھن ھنن چيو ته بجلي نه ھجڻ سبب گھرن ۾ پاڻي جي کوٽ ٿي وئي آھي ۽ سندن ٻچا گرمي سبب بي حال ٿي ويا آھن ، ھنن چيو ته بار بار واپڊا عملدارن وٽ دانھڻ جي باوجود ڪو به ٻڌڻ لاء تيار  ناھي، ھنن مطالبو  ڪيو ته سندن ڪالوني جي بجلي فوري طور تي بحال ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ اي ڊي او جي آفيس جو گهيرائو ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.