ميهڙ:پوليس پڪٽ تي هٿياربندن جو حملو، هڪ اهلڪارزخمي،هٿيار به ڦر

ميهڙ ۾ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ گاجي کھاوڙ لنڪ روڊ لونگ تنيو پوليس پڪٽ تي ھٿياربندن پاران حملو ڪري ھڪ پوليس اھلڪار غلام عباس مزاري کي گوليون ھڻي سخت زخمي ڪيو ويو، ھٿياربند پوليس اھلڪار غلام عباس مزاري جي ڪلاڪشن ڪوف کڻي ويا، اھڙو اطلاع ملڻ تي ڊي ايس پي ميھڙ يونس رودناڻي ايس ايڇ او اي سيڪشن نور مصطفيٰ، ايس ايڇ او بي سيڪشن محمد قابل ڀيو جي اڳواڻي ۾ واقعي واري ھنڌ پھچي ڏوھارين جي پويان رواني ٿيا،  پيرو کنيو پيو وڃي، آخري اطلاع تائين جوابدار گرفتار ناھن ٿي سگھيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.