ڌاٻيجي: ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي 20 جون کان پر امن ريلين جو اعلان

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻن جلال شاھ ،عمر ناهيو ،اياز لاشاري ،جميل سمون ۽ ٻين چيو آهي ته پنهجي ڌرتي بچائڻ لاء احتجاج ڪرڻ به ڏوھ ٿي ويو آھي بحريا ٽائون جي والار خلاف احتجاج کانپوء پرامن ڪارڪنن جي گهرن تي چڙھايون ڪري انهن کي هيسايو پيو وڃي ، جسقم چئيرمين صنعان قريشي سميت سڀني قومي ڪارڪن مٿان ڪوڙا ڪيس ڪيا ويا آهن ، ڌاٻيجي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سندن چوڻ هو ته 20جون کان سڄي لاڙ پٽي گهگهر کان ٽنڊو محمد خان تائين سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران پرامن ريلي ڪڍي ويندي ، جنهن ۾ ڌاٻيجي ،گهارو ،ٺٽو ۽ سجاول ۾ تاريخي جلسا ڪيا ويندا ان ڪري هتان جي ماڻھن کي اپيل ٿي ڪجي ته اهي ڀرپور شرڪت ڪن،  انهي موقعي تي پورهيت مزاحمت اڳواڻ اعجاز جاکرو ،جبار ڀنڀرو ۽ ٻيا موجود هئا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.