ڇا اڄ حڪمران ڀُٽي واريون غلطيون پيا ورجائين؟

اياز لطيف پليجو

 ان دوران ملڪ ۾ ڀٽي حڪومت خلاف پي اين اي جا احتجاج شروع ٿي ويا ۽ ڀٽي صاحب جي سخت ڪوششن جي باوجود امن امان بحال نه ٿي سگھيو. ڀٽو صاحب پنھنجي ڪئي ڪمزورين باوجود نه ڪرپٽ ھو ۽ نه ئي بزدل. ھن حالتن جي سنگيني جو ھمٿ سان مقابلو ڪرڻ چاھيو پئي، پر تيسين عالمي طاقتون کيس ھٽائڻ جو فيصلو ڪري چڪيو ھيون ۽ ھينري ڪسنجر اھڙي وارننگ به ڏئي چڪو ھو. لاهور ۾ ٽن آفيسرن احتجاج ڪندڙ ماڻهن تي فائرنگ ڪرڻ کان انڪار ڪيو. هڪ جاءِ تي سپاهين فائرنگ ڪرڻ جو حڪم ته مڃيو، پر انهن مظاھرين جي سرن کان ڪجهھ مٿي صرف ھوائي فائرنگ ڪئي. اوون بينيٽ جونز لکي ٿو ته، ”ڀٽي جي سڀ کان وڏي غلطي ڪمانڊرن کي پنهنجي مخالفن سان ڳالهين ۾ شامل ڪرڻ هو.“ هو لکي ٿو ته ’ڀٽي جي نقطه نظر کان، هو ملڪي فوج سان گڏ ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، پر عملدارن ان کي مختلف طور تي ڏٺو. هنن جي نظر ۾ ، ڀٽي صاحب جي ان ڪوشش ظاهر ڪيو ته هو ڪمزور ٿي چڪو ھو ۽ ھاڻ وڌيڪ حڪومت هلائڻ جي پوزيشن ۾ نه رھيو هو.“

 

سمورين مخالفتن جي باوجود ڀٽي صاحب 7 مارچ 1977 تي عام چونڊون ڪرايون، پر عام پاڪستانين چونڊن جي نتيجن تي ويساھ نه پئي ڪيو. ڀٽي جي پيپلزپارٽي قومي اسيمبلي جي 200 سيٽن مان 155 سيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته مخالف پاڪستان نيشنل الائنس صرف 36 سيٽون حاصل ڪيون. 1970 جي چونڊن ۾ جڏھن پيپلزپارٽي مقبوليت جي انتها تي هئي ته ان وقت به ان کي صرف 39 سيڪڙو ووٽ مليا ھئا پر ھنن 1977 جي چونڊن ۾ کيس سخت مخالفت باوجود 55 سيڪڙو ووٽ ملڻ تي ڪنھن کي به يقين نه  پئي آيو. ان اليڪشن دوران سنڌ ۾ محمد فاضل راھو، اسماعيل سوھو ۽ ٻين درجنين اميدوارن خلاف سخت زيادتي ۽ ڌانڌلي پڻ ڪئي وئي.

 

ڌانڌلين ۽ ٽڪراءَ وارين انھن اليڪشن کانپوءِ واري ماحول جو حوالو ڏيندي، ڀٽي صاحب جو وزير ڪوثر نيازي پنهنجي ڪتاب ”پريميئر ڀٽو جا آخري ڏينهن“ ۾ لکي ٿو ته ”ڀٽو صاحب وزيراعظم جي رهائش گاهه تي حفيظ پيرزادي ، رفيع رضا ۽ پنهنجي ٻن دوستن سان گڏ ويٺو ھو. پيرزادي کي ڏسندي هن پڇيو، ”حفيظ ڪيترين سيٽن تي ڌانڌلي ٿي ھوندي؟“ حفيظ جواب ڏنو ٽيھن يا چاليھن تي.  ”ڇا اسان مخالف ڌر کي انهن سيٽن تي ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ نٿا چئي سگهون؟ اسان انهن سيٽن تي انهن جي خلاف اميدوار نه بيھارينداسين.“ ڀٽي چيو ۽ سڀ ماٺ ٿي ويا.

 

قلمڪار ريحان فضل لکي ٿو ته ڀٽي صاحب چاهيو ٿي ته هو لاڙڪاڻي مان بنا مقابلي چونڊجي وڃي، جڏهن ته سندس صلاحڪار رفيع رضا ان جي سخت مخالف هئو. پي اين اي جي بيٺل  اميدوار کي ڀٽي جي خلاف چونڊ وڙهڻ عيوض هڪ ٻي سيٽ جي آڇ ڪئي وئي هئي ۽ ٻڌايو ويو هو ته هو بنا مقابلي اتان کٽي ويندو. ھن اميدوار اھا آڇ قبول نه ڪئي. نتيجي ۾ ان کي اغوا ڪيو ويو ته جيئن ھو پنهنجا نامزدگي ڪاغذ داخل نه ڪري سگھي. اوون بينيٽ جونز لکي ٿو ته حفيظ پيرزادي جونز کي چيو هو ته ان واقعي سان گڏ چونڊن جي گڙٻڙ شروع ٿي چڪي هئي. ڀٽي کي ڏسي پيپلز پارٽي جي ارڙھن ٻين اميدوارن به بنا مقابلي چونڊجڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي.

 

نامور پاڪستاني صحافي خالد حسن پنهنجي ڪتاب ”ريئر ويو مرر: فار ميمائرز“ ۾ لکيو آھي ته ’ڀٽي جي صلاحڪار راجا انور ، ضيا جي مارشل لا کان ٿورو ئي اڳ، ڀٽي صاحب ۽ اڳوڻي چيف جنرل ٽڪا خان وچ ۾ ملاقات ڏٺي ھئي. ان ۾ ڀٽي صاحب جنرل ٽڪا خان کي چيو، ”جنرل! توهان کي ياد آهي ته توهان ضياالحق کي آرمي چيف بڻائڻ جي مخالفت ڪئي هئي، هاڻي توهان کي اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته مون صحيح فيصلو ڪيو هو. جيڪڏهن ڪو ٻيو آرمي چيف هجي ها ، ته اهو امن امان جو بھانو ٺاهي اقتدار تي قبضو ڪري وٺي ها.“

 

ستم ظريفي اھا ٿي ته صرف ستن ڪلاڪن بعد جنرل ضياءَ ايئن ئي ڪيو.

 

گرفتاري کان پوءِ ڀُٽي صاحب تي سندس سياسي حريف محمد احمد خان قصوري کي قتل ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو. سرڪاري شاهد محمود مسعود شاھدي ڏني ته ذوالفقار علي ڀٽي هن کي قصوري کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. 

 

وڪٽوريا شوفيلڊ پنهنجي ڪتاب ”ڀٽو ٽرائلز ۽ سزائون“ ۾ لکي ٿي ته ”جج مولوي مشتاق حسين ڪيس ٻڌندڙ پنج رڪني بينچ جو سربراهه هئو ۽ ڀٽي صاحب سان سندس پراڻي دشمني هئي. جڏهن ڀٽو اقتدار ۾ هو ته هن ٻه ڀيرا سندس جونيئر ججن کي ھن کان اڳ پروموٽ ڪيو ھو. ٻڌڻي دوران جڏهن ڀٽي صاحب عدالت جي ڪٽھڙي ۾ ويھڻ تي اعتراض ڪيو ته جج مولوي مشتاق طنزيه چيو، ”اسان کي خبر آھي ته اوھين آرام ده زندگي جا عادي آھيو، انڪري اوھان لاءِ خاص ڪرسي رکي وئي آھي، ٻي صورت ۾ توهان عام مجرمن وانگر بينچ تي ويٺا ھجو ھا.“

 

 اڳتي ھلي انتقام پسند مولوي مشتاق ھن چونڊيل ۽ ٻين سڀني جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مقبوليت رکندڙ وزير اعظم کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ھڪ اھڙي وزير اعظم کي جيڪو انتھائي قابل، اعليٰ تعليم يافته، ماڊرن، دلير ۽ مالي معاملن ۾ ايماندار ھئڻ سان گڏ سڄي دنيا ۾ پاڪستان ۽ سائوٿ ايشيا جي سڃاڻپ بڻيل ھو. ڀٽي صاحب ان خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي. فيبروري 1979 ۾ سپريم ڪورٽ پاران هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ٽن جي مقابلي ۾ چئين ججن جي اڪثريت سان برقرار رکيو ويو. ان دوران پيپلز پارٽي جا سڀ وزير، سڀ ذاتي دوست، سڀ فائدا ماڻيندڙ ۽ پي پي جي سموري مرڪزي توڙي صوبائي قيادت، ايم اين ايز، ايم پي ايز، سينيٽرز مصيبت ۽ قيد وقت سندن قائد ڀٽي صاحب کي اڪيلو ڇڏي ماٺ ڪري ويھي رھيا، صرف سندس گھر ڀاتي، زال، پٽ ۽ ڌيءُ کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪندا رھيا. 

 

ڀٽي صاحب اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ھارين ۽ مزدورن کي سجاڳ ڪرڻ ۽ آرگنائيز ڪرڻ جي ڪا به ضرورت محسوس نه ڪئي ھئي، ھن انھن سان ڪيل ڪئي واعدا به وساري ڇڏيا ھئا. ھاڻ ھو مڪمل طور وڏيرن ۽ ڪروڙ پتين جي گھيري ۾ ھو، انڪري ھيٺن طبقن سان تعلق رکندڙ عوام کيس بچائڻ لاءِ متحرڪ ڪردار ادا نه ڪري سگھيو. پي اين اي تحريڪ ۽ حيدرآباد سازش ڪيس جي ڪري مُک بلوچ ۽ پختون ليڊر به ڀٽي کان لاتعلق رھيا. سنڌ مان ھن ناجائز ڦاسي جي سزا جي مخالفت صرف رسول بخش پليجي ۽ سندس پارٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻن ۽ سنڌ جي اديبن، صحافين ۽ شاعرن ڪئي، مختلف ملڪن جي سربراھن جي رحم جي اپيلن جي باوجود آمر ضياءَ ڀٽي کي ڦاسي ڏيڻ جو پختو ارادو ڪيو ويٺو ھو ۽ آخرڪار معاملو رحم جي درخواست تي اچي پھتو، ڀٽي صاحب جي ڀيڻ شھربانو امتياز جنرل ضيا کي رحم جي اپيل ڪئي ۽ پوءِ بقول ريحان فضل جي پهرين اپريل 1979ع جي شام جو ، جنرل ضياءَ ڳاڙھي رنگ جي مس سان ٽن لفظن ۾ لکيو، ”پٽيشن از ريجيڪٽڊ.“

 

 آخرڪار عوام کان ڪٽجي ويل، غلط پاليسين جي ڪري سياسي طور اڪيلو ٿي ويل ۽ ساٿين ۽ پارٽيءَ پاران دوکو ڏنل ذوالفقار علي ڀٽي کي 4 اپريل 1979عتي 51 سالن جي عمر ۾ آمر ضياءَ ھڪ اھڙي ڪيس ۾  ڦاسي ڏيارائي جنھن ۾ مٿس صرف سازش جو الزام ھو ۽ ڪيس موجب جاءِ واردات تي ھو موجود ئي نه ھو. شايد اڳتي ھلي پاڪستان جي انتھاپسندي، اقتصادي بدحالي، اڻبرابري، ڪرپشن ۽ دھشتگردي جي گھيري ۾ اچڻ جا ٻه اھم ترين سبب ھڪ بنگال جو ورھاڱو ۽ ٻيو ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاسي ئي بڻيا ھئا.

 

ختلف واقعا ۽ حقيقتون مختلف ڪتابن، اخبارن، بي بي سي ڊاڪيومينٽريز ۽ تحريرن مان ورتا ويا آھن ۽ ڪجھه پيراگراف ڪتابن تان سنڌي ۾ ترجمو به ڪيا ويا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.