ليلا جا آتڻ ماڳ تي برسات بعد نوادرات ظاهر، ٽولا پهتل

فيض گنج( امتياز شر)برسات بعد تاريخي ماڳ ليلا جا آتڻ تي آس پاس جي علائقي جا ماڻهو تاريخي ماڳ جي مٽي مان اڀري نڪتل نوادرات حاصل ڪرڻ ٽولن جي صورت ۾ پهتل، برسات پوڻ بعد علائقي واسين جو اچڻ معمول بڻجي ويو، سڪا، چوڙيون، مورتيون ۽ سونا زيور ملڻ معمول بڻيل آهي، اڄوڪي برسات بعد ڳوٺاڻن کي زمرد پٿر، سڪا ۽ سونا زيور هٿ آيا ۽ تاريخي ماڳ جي لتاڙ پڻ ڪئي ويئي، تاريخي ماڳ ليلا جا آتڻ آرڪيالاجي کاتي جي بي ڌياني سبب لاوارث بڻيل هجڻ ڪري قيمتي نوادرات جي مالڪي نه  ٿي، آرڪيالاجي کاتي پاران مقرر ٿيل چوڪيدار پڻ غائب ٿي ويا، جنهن ڪري ماڻهو بي خوف ٿي تاريخي نوادرات چوري ڪرڻ لڳا، ٻه مهينا اڳ قبضا مافيا پاران تاريخي ماڳ جي زمين خريد ڪرڻ بعد آرڪيالاجي کاتي سميت فيض گنج جي سول سوسائٽي جا نمائندا جاڳيا جنهن بعد قبضا مافيا تي ڪيس پڻ داخل ٿيو هو . مسلسل احتجاجن ۽ ڪيس داخل ٿيڻ بعد سيڪريٽري ثقافت اڪبر لغاري پهتو هو اضع رهي تاريخي ماڳ ليلا جا آتڻ اڪري چودڳي کان 3 ڪلوميٽر اولھ ڏکڻ ۾ نوشهري ۽ خيرپور ضلعي جي حدن ۾ واقع آهي جنهن جي باري ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته 3500 سئو سال پراڻو ڪاروباري مرڪزي شهر هو، تاريخي ماڳ تي هڪ کان وڌيڪ ماڻهن پي ايڇ ڊي ڪري ٿيسز پڻ لکيون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.