سپريم ڪورٽ پاران قبضا خالي ڪرائڻ وارو معاملو

اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي اطمينان جهڙي ضرور آهي ته سپريم ڪورٽ سنڌ جي زمينن تي غيرقانوني والار ڪرڻ، قبضا ڪرڻ، غير قانوني زمينن تي ڪوڙين ليزن، دستاويزن ۽ آرڊرن جي آڌار تي قبضا ڪري غير قانوني طور تي وڏيون عمارتون جوڙڻ تي انتهائي غم ۽ غصي جو اظهار ڪندي، انهن کي ڊاهڻ جو حڪم ڪيو آهي، اسان جي لاءِ اها ڳالهه به اطمينان واري آهي ته سپريم ڪورٽ سنڌ جي روينيو کاتي کي مجموعي طور تي ڪرپٽ قرار ڏنو آهي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۽ ڪراچي ڊيولپمينٽ اٿارٽيءَ کي پڻ انتهائي سخت نموني ننديو آهي.

سپريم ڪورٽ جي اها ڳالهه به اطمينان جهڙي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچيءَ ۾ جڏهن ڪا آفت اچي ٿي تڏهن ڪراچي ميٽرول پوليٽن ڪارپوريشن جو ڪو به ملازم نظر نه ايندو آهي، سندس چوڻ موجب ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جا 80 سيڪڙو ملازم فارغ ڪيا وڃن جو انهن جو عملي طور تي ڪوبه قرادار نه آهي.سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري  ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد ،جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس قاضي امين تي ٻڌل ٽه رڪني بئنچ ڪراچي ۾ حدخليون ختم ڪرڻ، وڏا ٽاور ڪيرائڻ ، اورنگي ۽ گجر نالي تان حدخليون ختم ڪرڻ سميت ٻين ڪيسن ۾ سنڌ جي سمورين سرڪاري زمينن تان قبضا ڇڏائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سپريم ڪورٽ ملڪ جو هڪ اعلى ادارو آهي جنهن مان ملڪ جي هر ماڻهوءَ ۽ هر وفاقي ايڪائيءَ کي انصاف جي اميد نه پر پڪ هوندي آهي، ۽ اسين سمجهون ٿا ته هجڻ به گهرجي، جو اعلى عدالت ئي عوام لاءِ انصاف جو آخري سهارو هوندي آهي، جيستائين تعلق آهي سنڌ جي زمينن تي قبضي جو ته اهڙو قبضو ڪو اڄ جو نه آهي، پر سنڌ جي زمينن تي قبضن جي شروعات پاڪستان جي قيام سان ئي شروع ٿي وئي هُئي، جو سکر بئراج جي ٻنهي پاسن جون زمينون ڀڳڙن مٺ تي ٻين صوبن جي ماڻهن کي ڏنيون ويون، ان بعد پاڪستان جي قيام جي ٻن سالن کانپوءِ هندستان ۾ ٿيندڙ مذهبي فسادن جي نتيجي ۾ هندستان جي ڪيترن علائقن مان سنڌ ايندڙن کي زمينون ۽ ملڪيتون سرڪاري طور تي ڏنيون ويون ۽ انهن پاڻ به سنڌ جي زمينن ۽ ملڪيتن تي قبضا ڪيا، اهڙو سلسلو بعد ۾ خراج طور تي هلندو رهيو جڏهن سنڌ جي زمينن تي لينڊ يوٽيلائيزيشن ڪميشن جوڙي باضابطه قبضو ڪيو ويو، سنڌ جي زمينن ته خاص ڪري سنڌ جي تخت گاهه ڪراچي شهر جي زمينن تي ڪوڙين ڪوآپريٽو سوسائٽيز ذريعي گذريل ٽيهتر سالن کان قبضا جاري آهن.

هاڻي صورتحال اها آهي جو وڏين رهائشي اسڪيمن جي نالن تي هزارين ايڪڙ زمين قبضي ۾ ڪري انهن تي اجگر شهر جوڙيا پيا وڃن، سنڌ جي ضلعن ۽ شهرن مان جيڪي ماڻهو ڪراچي شهر اچن ٿا نه ته انهن جي رهڻ لاءِ ڪا ايراضي بچي آهي ۽ نه ئي وري ڪراچيءَ ۾ صدين کان آباد سنڌين جي رهڻ لاءِ ڪي ايراضيون بچيون آهن، هڪ تلخ حقيقت اها به آهي ته سنڌ جي شهري زمينن سان گڏوگڏ سنڌ جي زرعي زمينن تي پڻ بي انتها قبضا ڪيا ويا آهن، سنڌ جي زمينن تي مجموعي قبضي جي صورتحال اها آهي جو هاڻي سنڌي عوام وٽ نه ته کيڙڻ لاءِ ڪا زمين بچي آهي ۽ نه ئي وري شهري علائقن ۾ رهڻ لاءِ زمين بچي آهي. اهڙي صورتحال ۾ سپريم ڪورٽ جو سنڌ جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ سنڌ تي ڪنهن احسان کان گهٽ ڳالهه نه ٿيندي.

اسان  ان خيال جا آهيون ته سنڌ جي زمينن تي قبضي جي پوءِ قبضا ڪهڙي به نالي، قانون، اٿارٽيءَ جي بهاني ڪيا ويا هجن انهن جي 1947ع کان مڪمل تحقيق لاءِ هڪ ڀرپور قسم جي ” ڪميشن“ جوڙي وڃي جيڪا هڪ اداري جي صورت ۾ سنڌ جي زمينن جي قبضن جي نشاندهي ڪري ۽ انهن کي آزاد ڪرائي، اسان اهو به سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيون ته سنڌ جون سموريون ” نا ڪلاس“ زمينون سنڌ حڪومت جون زمينون آهن، جڏهن ته مجموعي طور تي سنڌ ڌرتيءَ جو هڪ هڪ انچ سنڌي قوم جي قومي ملڪيت آهي، جنهن کي هر صورت ۾ تحفظ ملڻ گهرجي.

اسان هن موقعي تي مانواري سپريم ڪورٽ کي اها گذارش ڪرڻ ضروري ٿا سمجهون ته سنڌ جي سرزمين تي سنڌين جي حق کي ائين تسليم ڪيو وڃي جيئن ٻين صوبن جي سرزمين تي ٻين صوبن جي ماڻهن جو حق تسليم ٿيل آهي، پوءِ ڪهڙو سبب آهي جو سنڌي جي سرزمين تي ٻين صوبن، علائقن ، ۽ قومن جي ماڻهن کي مالڪيءَ جو اختيار هُجي، هن موقعي تي اسان  مانواري سپريم ڪورٽ کي اها پڻ گذارش ڪنداسين ته سنڌ جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ جيڪي اپاءَ ورتا پيا وڃن انهن اپائن کي برابريءَ جي بنياد تي ۽ غير رياءَ نموني عمل ڪيو وڃي، ائين نه ٿئي جو  وڌيڪ بااثر قبضي گيرن کي معاف ڪيو وڃي ۽ گهٽ بااثر قبضي گيرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. قبضي گير ڪير به هُجي ان خلاف ڪارروائي ڪري، زمين آزاد ڪرائي سنڌ حڪومت جي اختيار هيٺ ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.