پاڪستان وٽ ڀارت کان وڌيڪ ايٽمي هٿيار، وبا باوجود دنيا ۾ هٿيارن تي زور

اسلام آباد( م ڊ) دنيا ۾ وبا باوجود ايٽمي هٿيارن جي تياري جاري آهي، هڪ رپورٽ موجب پاڪستان وٽ ايٽمي هٿيار ڀارت کان وڌيڪ آهن. بي بي سي جي موجب اسٽاڪ هوم انٽرنيشنل ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي رپورٽ موجب دنيا جي 9  ايٽمي قوتن وٽ 13 هزار ايٽمي هٿيار آهن، جن مان هر هٿيار هيرو شيما  ۽ ناگاساڪي ۾ ٿيل تباهي کان وڌيڪ تباهي پکيڙي سگهن ٿا. رپورٽ موجب پاڪستان گذريل سال 5 نوان ايٽمي هٿيار ٺاهيا، جنهن سان وٽس ايٽمي هٿيارن جو انگ 165 ٿي ويو. جڏهن ته ڀارت 6 نوان جوهري هٿيار جوڙيا جنهن بعد وٽس 156 هٿيار آهن. چين ۽ پاڪستان جي لاڳاپن کي ڀارت ۽ اولهه ايٽمي ڀائيواري جو نالو ڏيڻ لڳا آهن، جنهن جي پاڪستان ترديد ڪري ٿو. ان سلسلي ۾ پاڪستان اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن جي اڳوڻي آفيسر برگيڊيئر ر نعيم سالڪ واضح ڪيو ته پاڪستان جو ايٽمي پروگرام نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي جي ماتحت ڪم ڪري ٿو. جنهن جي سربراهي وزيراعظم ڪري ٿو. چار فوجي آفيسر ۽ 4 وفاقي وزير ان ۾ شامل آهن. هوڏانهن  ڀارت جي دفاعي تجزئي نگار راجل هندي چيو آهي ته ايٽمي هٿيارن ر ٺاهڻ کي ڊوڙ نه ٿو چئي سگهجي. ڪنهن قوت لاءِ ممڪن ناهي ته هو تياري روڪي ڇڏي. پاڪستان، چين ۽ ڀارت انوکا ايٽمي ملڪ آهن، جن جو سرحدي تڪرار به آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.