دعوائن کان ابتڙ وفاقي بجيٽ، ملڪيت معيشت ۽ عوام

ڊاڪٽر ذڪاءُ الله خان

اڄ ڪلهه بجيٽ جي حوالي سان تمام گهڻيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، هر سال جڏهن به بجيٽ پيش ٿيندي آهي تڏهن اهڙي قسم جون ڳالهيون ٿينديون آهن، ملڪ جو عام شهري هُجي جا معاشيات جوماهر هُجي اهو بجيٽ جي انگن اکرن جي پنهنجي حوالي سان تشريح ڪندو آهي.  پيش ٿيل بجيٽ کي مخالف ڌر ناڪام ترين بجيٽ قرار ڏئي رهي آهي جڏهن ته حڪمران ڌر ان جي تعريفن جا ڪوٽ جوڙي رهي آهي، اهڙي صورتحال ۾ مون کي پنهنجو هڪ پيارو دوست ياد ٿو اچي جيڪو سدائين چوندو هو ته بجيٽ هر سال انگن اکرن جي هير ڦير سان ايندي آهي ۽ ڪنهن کان تعريف  ۽ ڪنهن کان ڦٽڪار وصول ڪري هلي ويندي آهي.

بجيٽ پيش ٿيڻ کانپوءِ اسان جڏهن مارڪيٽ ۾ ويندا آهيون ته تڏهن ئي خبر پوندي آهي ته پيش ڪيل بجيٽ غربت، مهانگائي ۽ ناڻي جي ڦهلاءَ کي ڪيتري قدر روڪي سگهي آهي. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن مرحوم جي انهن لفظن جو جائزو وٺجي ته معلوم ٿي ويندو ته حڪومتي سطح تي حڪمرانن جيڪي به ڪوششون ڪيون آهن نتيجا انهن جي ڪوششن جي ابتڙ ئي نڪرن ٿا، سندن پيش ڪيل بجيٽ کانپوءِ مهانگائيءَ ۾ اضافو ٿئي ٿو، ناڻي واڌ ۾ اضافو ٿئي ٿو، غربت وڌي ٿي ۽ مجموعي طور تي سماج هيٺائين طرف وڃي ٿو.

موجوده حڪومت وانگر ماضيءَ جي حڪومتن پڻ جي ڊي پي جي واڌ کي سدائين وڌائي پيش ڪيو آهي، ان باوجود جو حڪومت ملڪ جي ترقياتي اوسر ۽ ان جي سماجي ڍانچي کي بهتر بنائڻ لاءِ سرمائيڪاري ڪئي آهي پر ان جي ابتڙ ملڪ جي معيشت جي اوسر ۾ ڪي به سٺا آثار نظر نه ٿا اچن، ايئن ٿو لڳي ڄڻ اسان جي معيشت مڪمل طور تي تباهه حال ٿي وئي آهي. پاور سيڪٽر کي ئي وٺو جنهن ۾ تمام گهڻي سرمائيڪاري ڪئي وئي آهي، چيو ٿو وڃي ته ملڪ ۾ ضرورت کان وڌيڪ بجلي پيدا ٿي رهي آهي، پر افسوس جو هاڻي ملڪ جي اڪثر علائقن ۾  ڪلاڪن جا ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ عام آهي، ٿي سگهي ٿو ته لوڊ شيڊنگ جا ڪجهه ٻيا به سبب هجن پر حڪومت تنهن هوندي به ملڪ ۾ لوڊ شيڊنگ کي ختم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ بجاءِ اهو موقف اختيار ڪري رهي آهي ته ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جا ذميوار اڳوڻا حڪمران آهن.

ملڪ جي معيشت کي بهتر بنائڻ لاءِ پرڏيهه مان معيشت جي جادوگرن کي گهرايو ويو جن کي لکن ۾ پگهارون ۽ ٻيون سهولتون ڏنيون ويون پر ملڪ جي معيشت اڄ به جتي آهي اتي ئي آهي، ايتري قدر جو ملڪ ۾ نجڪاريءَ جو عمل به مڪمل ٿي نه سگهيو آهي. ريلوي، اسٽيل ملز ۽ پي آءِ اي جهڙا ادارا ملڪ جي معيشت لاءِ سفيد هاٿي ٿي ويا آهن، جيڪي اربين روپين جي سبسڊيءَ حاصل ڪري موجون ماڻيندا رهن ٿا.

هن دفعي ملڪ جي نئين ناڻي واري وزير اها خاطري ڪرائي آهي ته ملڪ جي معيشت هاڻي سڌي رستي تي اچي ويندي ۽ ملڪ ترقي ڪندو جيڪا هڪ سٺي ۽ خوشيءَ جي ڳالهه آهي. اسان کي اها ڳالهه به ٻڌائي ويندي آهي ته آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته اسان پنهنجو نظام درست ڪيون، ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته پاڪستان جي بجيٽ آءِ ايم ايف جي معاشي پروگرام سان سلهاڙيل آهي. انهيءَ حوالي سان آءِ ايم ايف ۾ ويٺل خاص ماڻهو هر هر اهو ئي چوندا رهن ٿا ته پاڪستان کي آءِ ايم ايف جون شرطون مڃڻ گهرجن جو آءِ ايم ايف جي معاشي ايجنده ئي پاڪستان جي معيشت لاءِ تمام بهترين آهي. هن سال ملڪ جي مجموعي معاشي ترقيءَ کي 4 سيڪڙو معاشي واڌ سان سلهاڙي خوشي ملهائي پئي وڃي ۽ دعوى ڪئي پئي وڃي ته ملڪي معيشت ترقي ڪري رهي آهي جڏهن ته اها حقيقت نه آهي.

تحريڪ انصاف جي شروع وارين معاشي پاليسين ۽ ڪورونا ڪري ملڪ جي معيشت جي ٻيڙي جهڙي نموني ٻڏي رهي هُئي، ان ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي تارڻ لاءِ جيڪي ڪوششون ٿي رهيون آهن انهن کي مجموعي طو ر تي ملڪ جي معيشت جي بهتري نه ٿي چئي سگهجي. اسان جي خزاني واري وزير جي ملڪي معيشت تي تمام گهري اک آهي، هو ان حوالي سان پرعزم آهي ته هاڻي زميني حقيقتن کي سامهون رکي ملڪ جي معيشت جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪبو ان ڏس ۾ جڏهن آءِ ايم ايف بجليءَ جي اگهن ۾ واڌ لاءِ چيو ته حڪومت انڪار ڪري ڇڏيو، جڏهن ته بجيٽ ۾ پگهار دار طبقي تي ٽيڪس لڳائڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو. هن کان اڳ وارا معيشت جا ماهر شايد زميني حقيقتن کي نظر ۾ نه رکندا هيا ان ڪري ئي ملڪ جي معيشت ۽ آءِ ايم ايف جي پروگرام  ۾ هميشه عدم توازن رهندو پئي آيو آهي. بس رڳو قرض وٺي ملڪ تي چڙهيل قرض ادا ڪندا رهيا اهو ئي سبب آهي جو بجيٽ جي رقم جو هڪ وڏو حصو ملڪ تي چڙهيل قرضن جي قسطن جي ادائگيءَ ۾ پورو ٿيندو رهيو آهي.

ملڪ جي اها به بدقسمتي رهي آهي جو هن وقت تائين ڪنهن به حڪومت نه ته ٽيڪس ڏيندڙن ۾ ڪو اضافو ريڪارڊ ڪري سگهي آهي ۽ نه ئي وري ٽيڪسن جي وصولين ۾ ڪا مناسب واڌ ڪري  سگهي آهي، جڏهن ته اها ڳالهه به افسوس جهڙي آهي ته بااثر سرمائيدارن جي شروع ڪيل ذاتي ڪمائيءَ جي پاليسين ۽ اسڪيمن تان پڻ ٽيڪس وصول ڪري نه سگهي آهي، جنهن ڪري ملڪ جي مجموعي ٽيڪس وصولين ۾ ڪو اضافو نه پيو ٿئي.

اهڙي صورتحال جو نتيجو اهو ٿو نڪري ته ٽيڪس جو هدف پورو ڪرڻ لاءِ سمورو بار مختلف ٽيڪسن جي صورت ۾ غريب طبقي تي وڌو ٿو وڃي، يا وري کاتيوار وصولين کي ممڪن بڻائڻ لاءِ اڳ ئي ٽيڪس ادا ڪندڙن کان وڌيڪ ٽيڪس ورتا وڃن ٿا. اسان جي عوام جي اها خواهش آهي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر گڏجي ڪري  اهڙين بجيٽ پاليسين کي منظور ڪن جيڪي عوام کي وڌ کان وڌ معاشي خوشحالي ڏئي سگهن، عوام جا معاشي مسئلا رڳو احتجاجن ۽ الزامن سان حل نه ٿيندا ان لاءِ ٺوس قسم جي معاشي رٿا بنديءَ جي ضرورت آهي. وزيراعظم کي گهرجي ته نئين پاڪستان ۾ تبديليءَ جي  وزن مطابق انقلابي قدم کڻي،  هن وقت ائين ٿو لڳي ته وزيراعظم جي مخالفن ملڪ جي معيشت کي پنهنجي قبضي ۾ ورتو آهي ۽ لڳي ائين ٿو ته ملڪ جو معاشي ڪنٽرول ملڪ کان ٻاهر منتقل ٿي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.