بدامني ۾ واڌ جو ذميوار ڪير آهي؟

غلام حسين جوڻو

سنڌ ، هميشه امن ۽ شانتي جو مرڪز رهي آهي. سنڌ ڌرتي ولين ،بزرگن ۽ درويشن جي ڌرتي آهي جن هميشه امن ، ڀائيچاري ۽ محبت جو پيغام ڏنو آهي. پر، هاڻ حالت اها آهي جو ، اسان سندن پيغام کي وساريندا پيا وڃون. محبت ۽ الفت جي جاءِ ڪلفت ۽ نفرت والاريندي پئي وڃي. الائي ڪنهن جي پٽ ۽ پاراتو لڳو آهي جو امن امان وارو ماحول ڪافي حد تائين ختم ٿي ويو آهي. هاڻ ڪير به محفوظ ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. روڊن ، رستن ۽ چوراهن تان ڦرون ٿي رهيون آهن. ماڻهو اغوا ڪيا پيا وڃن. قتل ۽ غارتگري جي بازار گرم آهي. ماڻهن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي. اهڙي ڪا به رات خالي نه آهي جو ڪا واردات نه ٿيندي هجي. اهڙو ڪو ڏينهن ڪونه ٿو سجهي. جنهن ڏينهن تي ڪا بدنظمي ۽ بدامني جي خبر نه ٻڌي هجي. حالتون روز بروز خراب ٿي رهيون آهن. جن جي ڪري عام ماڻهو انتهائي پريشان ۽ منجهيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

مون کي هڪ شخص ٻڌايو ته ، آئون ٽئڪسي ڊرائيور آهيان. هفتو کن اڳ ۾ ، باءِ پاس سڪرنڊ لڳ سيال هوٽل جي اڳيان بيٺو هوس. ان وقت رات جا ڏهه ٿيا هئا. ڪي شاهينگ آيا جيڪي منهنجيون اکيون ٻڌي فصل ۾ ڇڏي هليا ويا ۽ ڪار به ڪاهي ويا. ڏاڍي ڪوشش ڪئي اٿم پر، ڪار اڃا واپس ڪونه ٿي آهي. سڪرنڊ جي اخباري نمائندي ٻڌايو ته ، ساڳئي جاءِ تي ، ڪراچي کان فيصل آباد جي رهواسين ڪپڙي جي واپارين کان هٿياربندن روڪ رقم ڇهه لک روپيه ۽ موبائل فونون کسي ڪيلي جي فصل ۾ فرار ٿي ويا. پوليس ڦورن جي ڳولا ڪرڻ لاءِ مخلتف هنڌن تي ڇاپا به هنيا آهن. پر، اڃا اصلي جوابدار هٿ ڪونه اچي سگهيا آهن. البته شڪ جي بنياد تي ڪجهه ماڻهو گرفتار ڪيا  ويا آهن. دادو شهر جو اهو حال آهي جو هڪڙي رات ۾ ڪيترين ئي ڦرن جون وارداتون ٿين ٿيون. پر، ڦورو ڪنهن کي به هٿ ڪونه ٿا اچن. سڄي سنڌ ۾ اسڪوٽرن جي چوري تمام گهڻي آهي. ان کان سواءِ ، زبردستي راهگيرن کان اسڪوٽر کسيا وڃن ٿا. هن ڪم ۾ هڪ منظم ٽولو ملوث آهي. جنهن جو پتو لڳائڻ انتظاميه جي وس جي ڳالهه آهي. باقي عام ماڻهو ته اسڪوٽر ڦرايو ماٺ ڪريو ، ويهو رهن.

سنڌ جي مٿين ضلعن ۾ ته ، ڌاڙيلن جو راڄ آهي. اتي ماڻهو اغوا ٿي رهيا آهن. ڌاڙيلن جي قهري ڪاررواين جون خبرون ميڊيا ۽ اخبارن ذريعي ملنديون رهن ٿيون. ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ ڌاڙيلن ڪجهه پوليس اهلڪارن کي به شهيد ڪري ڇڏيو هو ۽ پوليس جي بڪتر بند گاڏي پنهنجي تحويل ۾ ورتي هئي. ان سبب جي ڪري پوليس آفيسرن جون بدليون ڪيون ويون آهن. پر، ڌاڙيلن تي ڪو به اثر ڪونه پوندو. جيڪي نوان ايس ايس پيز مذڪوره ضلعن ۾ مقرر ڪيا ويا آهن. تن پريس ڪانفرنسن ۾ اهو بيان ڪيو آهي ته وڏي پئماني تي ڌاڙيلن جي خلاف آپريشن ڪيو ويندو. حالانڪه اهو آپريشن ڳجهي طرح ٿيڻ گهرجي ها. ان باري ۾ ڪنهن کي به کڙڪ نه پوڻ گهرجي ها. پر، هنن صاحبن اعلان ڪري ڌاڙيلن کي هوشيار ڪري ڇڏيو آهي. ڌاڙيلن کي اها خبر پوڻ سان ، ٿي سگهي ٿو ته ، ڪن محفوظ ٺڪاڻن ڏانهن منتقل ٿي ويا هجن ۽ پوليس ناڪامياب ٿي واپس ٿئي.

ٻئي طرف اهي به اطلاع آهن ته ، ڪجهه وڏيرا ، ڀوتار ، سرمائيدار ، سردار ۽ چونڊيل نمائنده ڌاڙيلن جا سهولتڪار بڻيل

آهن. اهي پاٿاريداري جو ڪم به ڪندا وتن. جنهن ڪري اهي ڏوهه ڪرائڻ ۾ ملوث آهن. جنهن ڪري بااثرن جي آڏو پوليس ڪجهه به ڪري ڪونه سگهندي ڇو ته ڌاڙيلن جا محافظ وڏيرا کين لڪائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ان ڳالهه ڪو به باشعور انسان انڪار ڪري ڪونه سگهندو. ياد رهي ته جيستائين وڏيرا شاهي مخلص نه ٿيندي ، تيستائين ڌاڙيل ڪلچر ختم ٿيڻ ناممڪن آهي.

وڏيرا شاهيءَ جو سنڌ ۾ هميشه ٻٽو معيار رهيو آهي. پر، وڏيرا شاهي کان پوءِ پوليس جا به لڇڻ ساڳيا آهن. پوليس مختلف روپن ۽ نمونن سان ، ڏوهه ڪرائڻ ۾ ملوث رهي ٿي. ڪڏهن بيان ڪيل بااثر ماڻهن جي ونگار وهندي رهندي آهي. ڪڏهن چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪري، بي گناهه ماڻهن جي گهرن ۾ گهڙي پوي ٿي. نتيجي ۾ ماڻهو پوليس جي ظلمن کان تنگ ٿي ڏوهه ڪرڻ شروع ڪريو ڏين.  پوءِ اهي پهريائين ننڍا ڏوهاري بعد ۾ وڏا ڏوهاري ٿيو پون. اهڙي طرح ڏوهن ۾ واڌارو پڻ ٿئي ٿو. ڪن اهم ذريعنکان اهو به ٻڌندا رهون ٿا ته پوليس انهن ڏوهارين جو گهيرو تنگ ڪندي آهي ته ، انهن کي بچائڻ لاءِ هڪ رستو ضرور ڇڏيو ڏيئي ٿي ته جيئن اتان اهي ڀڄي، فرار ٿي سگهن. جيڪڏهن پوليس به پنهنجي سچائي تي اچي ته هتي ڪو به ڏوهه ڪونه ٿي سگهندو ۽ امن و امان واري فضا پيدا ٿي سگهي ٿي. ان سلسلي ۾ پوليس جو مخلص ٿيڻ به لازمي آهي. پر، افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان وٽ ايماندار پوليس عملي جو قدر ڪونه ٿو ڪيو وڃي ۽ هن وقت جيڪي پوليس ۾ مقرريون ٿين ٿيون سي به سياسي وفادارين جي بنياد تي ڪيون وڃن ٿيون يا پئسن جي ڏي وٺ جي ذريعي ٿي رهيون آهن. جڏهن ميرٽ جي لتاڙ ڪري پوليس جي ڀرتي ۽ مقرري ڪئي وڃي ٿي ته پوءِ يقينن امن امان واري صورتحال پيدا ڪونه ٿي سگهندي.

قبائلي جهيڙا به امن امان کي ختم ڪريو ڇڏين ۽ خوف هراس کي جنم ڏين ٿا. جنهن ڪري معاشري ۾ هڪ ٻئي جي خلاف نفرتون پيدا ٿين ٿيون. جهيڙن جي ڪري معاشري ۾ جاني توڙي مالي نقصان ٿي رهيو آهي. هيل تائين جيڪا تباهي ٿي گذري آهي. تنهن جو ڪو به ازالو ڪونه ٿو ٿي سگهي ۽ اسان جي سماج ۾ ڏوهن وڌڻ جو اهو به هڪ خاص سبب آهي. معاشري ۾ باهمي ۽ قبائلي جهيڙا ختم ڪرڻ سان ڪافي حد تائين امن  امان پيدا ٿي سگهي ٿو. اهي ۽ ان کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي ڪارڻ آهن جن جي ڪري اسان جي معاشري تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن جن جو تفصيل سان ذڪر ڪرڻ تي هڪ وڏو ڪتاب ٺهي ويندو. جنهن ڪري هتي اختصار کان ڪم ورتو ويو آهي.

هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته ، بدامني ۾ واڌ جو ذميوار ڪير آهي. جنهن ڪري ڏوهه وڌي رهيا آهن. ان سلسلي ۾ ٿورو ڳوڙهو ويچار ڪبو ته معلوم ٿيندو ته اصل ۾ وڏيرن، ڀوتارن ، سرمائيدارن ، جاگيردارن ، سياستدانن ۽ چونڊيل نمائندن کي ملوث سمجهيو ويندو. ان کان پوءِ پوليس ۽ حڪومتي انتظاميه جا ڪجهه فرد به ڏوهن ڪرائڻ ۾ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان شامل آهن. سماج ۾ ٿيندڙ ظلم ۽ اوڻاين جي ڪري به ڪافي ڏوهه ٿين ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.