سنڌ جي نياڻي روبينه اُڄڻ جي خون سان انصاف جو سوال

عامر خان مهيسر

حضرت سچل سرمست جي درگاھ کان 8 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي کهڙا شهر واقع آھي. ان شهر سان تعلق رکندڙ ھڪ معصوم سنڌ جي نياڻي روبينه اُڄڻ معمول مطابق ھر جمعي جي رات پنهنجي والدہ سان ڏاڏاڻي پير ڪٽبر تي ويندي رھندي ھئي. ھيءُ پير ضلعي خيرپور جي تعلقي ڪوٽڏيجي ۾ واقع آھي، 22 مئي جي رات ھيءَ معصوم نياڻي پنهنجي والدہ سان ان پير ڪٽبر تي رھيل ھئي جنهن کي تعلقي ڪوٽڏيجي جا بگهڙ رات جي اونداھيءَ ۾ اغوا ڪري کنڀي ويا ڀر ۾ ستل پيرسن ماءُ کي جڏھن سجاڳي ٿي ته ڏٺائين ته ڌيءُ روبينه ستل ناھي. ان پيرسن ماءُ ھڪدم پير جي چئو طرف ڊوڙي پنهنجي نياڻي جي ڳولا ڪئي پر ان جو ڪٿي به ڪو ڏس پتو نه ملي رھيو ھئو. ھوءَ آلين سان گهر واپس وري ۽ گهر وارن جي اڳيان قصو بيان ڪيو جنهن کانپوءِ نياڻي جا وارث ان پير تي اچي پهتا. بقول وارثن جي ته اسان کي ان پير تان نياڻي جو لٽو ۽ عينڪ ملي ۽ 2 ڏينهن گذرڻ کانپوءِ ڪنڊيارو ريگيوليٽر مان نياڻي روبينه جو لاش مليو جنهن کي اتان جي انتظاميه لاوارث ڄاڻائي دفنائي ڇڏيو آھي.

ھڪ پڙھي لکي نياڻي سان جڏھن اھڙو ورتاءُ ڪيو وڃي ته ان وقت نه صرف سندس جي جيجل امڙ وٽ قيامت برپا ٿي ھوندي پر ھيءَ ڌرتي ۽ آسمان به اھو سمورو قصو ڏسي پار ڪڍي رُنا ھوندا. ٻڌايو پيو وڃي ته ھن نياڻي جي تعليم بيچلر ڊگري ھئڻ سان گڏوگڏ ھيء حافظ قرآن پڻ ھئي، اسلامي جهموريه پاڪستان جو وزيراعظم عمران خان چئي رھيو آھي ته اسان ھن ملڪ کي مدينه رياست بنائڻ چاھيون ٿا، ھاڻي سوال اھو ٿو اڀري ته ڇا مدينه رياست ۾ حافظ قرآن سان اھڙو ورتاءُ ڪيو ويندو آھي ۽ جنهن کانپوءِ مدينه رياست ڪجهھ به نه ٿي ڪري سگهي.؟ ھيءَ معصوم نياڻي غريب گهراڻي سان تعلق رکي ٿي غربت ھئڻ ڪري سندس جي گمشدگي کانپوءِ لاوارث لاش دفنائڻ کي لڳ ڀڳ مهينو پورو ٿيڻ وارو آھي پر وارثن کي اڃان تائين قبر ڪشائي جي اجازت ناھي ڏني وئي جنهن جي ڪري گهر ۾ پيرسن جيجل امڙ گهر اندر قرآن شريف لوڏي انهن کي دانهن ڏئي رھي آھي ته اسان مسڪين ماڻهو آھيون اسان جي مدد ڪئي وڃي.

غريب ھئڻ ناتي بي يارو مددگار بڻيل سندس نوجوان ڀاءُ شاعر مبين اُڄڻ لاڳيتو پريس ڪلبن اڳيان احتجاج ڪندو رھي ٿو پر اڃان تائين نه انتظاميا جي مٿي ۾ جونءَ چُري ٿي ۽ نه ئي تڪ جي ايم پي اي نعيم احمد کرل ۽ ايم اين اي سيد جاويد علي شاھ ۽ ٻئي طرف تعلقي ڪوٽڏيجي جي چونڊيل نمائندن ايم پي اي منور علي وساڻ ۽ پ پ جي مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ايم اين اي سيدہ نفيسه شاھ جي، ايتري قدر جو تڪ جي چونڊيل نمائندا وارثن ڏانهن تعزيت لاءِ به لڙي ناھن آيا. انهن ٻنهي تڪن مان 3 مرد ايم پي اي ۽ ايم اين اي آھن ۽ ھڪ عورت پڻ آھي، خبر ناھي ھن ڌرتي تي ڪهڙي ھوا گهلي آھي جو احساس ئي ختم ٿي ويو آھي، مرد ايم پي اي ۽ ايم اين اي کي ايڏو وڏو واقعو نظر ناھي آيو پر ھڪ عورت ئي عورت جو درد سمجهي سگهي ٿي پر شايد نفيسه شاھ به ان سموري واقعي کان باخبر ھئڻ باوجود به خاموشي اختيار ڪئي آھي. خبر ناھي ڪهڙي مجبوري آھي.

روبينه اُڄڻ جي جڳھ تي ڪنهن بااثر جي نياڻي ھجي ھا ته شهر جون سماجي تنظيمن کان وٺي چونڊيل نمائندن ۽ پوليس انتظاميه جي ننڍ حرام ھجي ھا پر ھيءَ روبينه ھڪ غريب مسڪين جي ڌيءَ آھي انڪري ھن لاءِ ڪير به سگهارو آواز اٿاري نه ٿو سگهي. ھن ملڪ جا ادارا جيڪڏھن ٻڌن ۽ ڏسن ٿا ته ھن لکيل ڌانهن کي ٻڌي کهڙا شهر جي مسڪين، غريب شاعر ميبن اڄڻ ۽ پيرسن جيجل امڙ سميت ان معصوم ۽ مظلوم نياڻي روبينه اڄڻ جي خون سان انصاف ڪري ملوث فردن کي سرعام عبرتناڪ سزا ڏني وڃي جيئن آئينده اھڙو ڪو ٻيو پيش اچي نه سگهي ۽ گهر ڀاتين جي مدد ڪري قبر ڪشائي ڪرائي معصوم نياڻي جو لاش وارثن حوالي ڪرڻ ۾ مدد ڪئي وڃي ته جيئن گهر ڀاتين مان بيچيني ختم ٿي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.