سنڌڙي مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي عملدار عدالت طلب

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) سنڌڙي تعلقي ۾ گذريل سال پيل برساتن جو پاڻي 10 مهينان گذرڻ جي باوجود نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌڙي جي رهواسين حاجي الله بخش نهڙي ۽ محمد هيات پاران سيڪنڊ سول جج جوڊيشنل مئجسٽريٽ ميرپورخاص جي عدالت ۾ داخل ڪيل پٽيشن جي ٻڌڻي گذريل ڏينهن ٿي ٻڌڻي دوران ڊي سي ميرپورخاص  سلامت ميمڻ ، ڊائريڪٽر ناراڪئنال ايريا واٽر بورڊ ،انجنيئر نارا ڪئنال ايس ڊي او سب ڊويزن کپرو پيش نه ٿيا جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌڙي، مختيارڪار عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ عدالت کان وڌيڪ مهلت ڏيڻ جي درخواست ڪئي عدالت پاران تعلقي سنڌڙي ۾ بيٺل برساتي پاڻي کي هڪ هفتي اندر نيڪال ڪرائي رپورٽ ڪرڻ وارين هدايتن تي عمل نه ٿيڻ ۽ ڪامورن جي پيش نه ٿيڻ تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص سلامت ميمڻ ، ڊائريڪٽر ناراڪئنال ايريا واٽر بورڊ ، انجنيئر نارا ڪئنال ايس ڊي او سب ڊيويزن کپروسميت اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار سنڌڙي کي پاڻي نيڪال ڪرڻ جي حوالي سان 21 جون تي ذاتي طور عدالت ۾ پيش ٿي رپورٽ پيش ڪرڻ ۽ عدالت جي هدايتن تي عمل نه ڪرڻ ۽ پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ سخت ڪاروائي ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.