سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو بحريا ٽائون واقعي جي عدالتي جاچ ۽ ڪارڪنن جي آزادي جو مطالبو

ڪراچي (رپورٽ: عارف نائچ) سنڌ ايڪشن ڪميٽي ھڪ دفعو ٻيھر بحريا ٽائون پرتشدد واقعن ۾ ملوث عنصرن کان لاتعلقي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي عدالتي جاچ ڪئي وڃي ۽ صنعان خان قريشي سميت سڀني قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي.

سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاهھ، ڊاڪٽر قادر مگسي، سجاد چانڊيو ايڊوڪيٽ، رياض چانڊيو ۽ ٻين ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تھ ڌرڻي ۾ لکين ڌرتي ڌڻين جي شرڪت تي سندن ٿورائتا آهيون، انهن اسان جو ساٿ ڏنو ۽ اخلاقي ذميواري نڀائي، اسان جو مقصد ڪنهن جي ملڪيت کي نقصان پهچائڻ نه هو، پر تشدد واقعي جي مذمت ڪريون ٿا.

هنن چيو تھ بحريا ٽائون 16800 ايڪڙ ايراضي بجاءِ 50 ھزار ايڪڙ ايراضي تي ناجائز قابض ٿي قديمي ڳوٺ مسمار ڪري ڇڏيا، صدين کان وٺي قائم ڳوٺن تي قبضا ڪيا ويا آھن. زمينن تي والار خلاف اسان جو پرامن احتجاج ھيو، سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي پرامن احتجاج کي ھٿ وٺي پرتشدد بڻايو ويو.

سندن چوڻ هو ته سڄي سنڌ ۾ قومي ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي سوين ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آھي، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم لساني جهيڙن جي ڪوشش ڪئي، بحريا ٽائون جي سيڪيورٽي تي مقرر عملدارن کي معطل ڪري پڇاڻو ڪيو وڃي تھ شرپسند عنصر بحريا ٽائون اندر داخل ڪيئن ٿيا؟ اسان سمجھون ٿا تھ پوليس خوف جي فضا بڻائي سنڌين جي طاقت کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

اڳواڻن چيو ته بحريا ٽائون اڳيان ڌرڻي دوران رياست مخالف ڪي به نعرا نه هنيا ويا، اسان رياست جي خلاف نه آهيون پر سنڌ جون زمينون ڦٻائڻ نه ڏينداسين، عوام پ پ کي اِن ڪري ووٽ ناهي ڏنو ته ملڪ رياض سان گڏجي زمينون تيـِن وال ڪري.

هنن صنعان قريشي سوڌو گرفتار ڪارڪنن جي جلد کان جلد آزادي جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته واقعي جي عدالتي جاچ ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.