”عمران خان جي پارليامينٽ نه اچڻ جون دانهون ڪندڙ نواز شريف کي ته پاڪستان آڻين“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته شهباز شريف عمران خان جي پارليامينٽ نه اچڻ جي دانهن ڪندو آهي پر نواز شريف کي پاڪستان ته آڻي، چاهيون ٿا ته اهو به پاڪستانين سان گڏ زندگي گذاري.

قومي اسيمبلي ۾ شهباز شريف جي تقرير تي ردعمل ڏيندي اسد عمر چيو ته اهي ماڻهو ٻاهرين ملڪ پاڪستانين کان فنڊ وٺندا رهيا ۽ اسان ٻاهرين ملڪ پاڪستانين جي ووٽ جو مسئلو حل ڪنداسين.

هن چيو ته وزيراعظم ڏکيا فيصلا ڪري معيشت کي سنڀاليو، هڪ ڏهاڪي کانپوءِ ٻاهريون خسارو نه پر سرپلس ٿي ويو، اپوزيشن ليڊر جي تقرير جو جواب ڏيڻ شروع ڪيم ته وڏو وقت لڳي ويندو.

سندس چوڻ هو ته مان اهڙي ليڊر جي پارٽي مان آهيان، جنهن عوام جي خدمت ڪئي، منهنجو ليڊر ڪمزور طبقن جي مدد ڪندو آهي، عوام جي مدد ڪرڻ رياست جي پهرين ترجيح هوندي آهي، وزيراعظم هائوس جا 108 ڪروڙ رپين جا ساليانا خرچ گهٽ ڪيا ويا، خرچن ۾ گهٽتائي فلاحي ڪمن لاءِ ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.