ايم ڪيو ايم کي پنهنجي ذلت تي غور ڪرڻ گهرجي: سعيد غني

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته عدالتن جي ريڪارڊن جا ڪمرا ايم ڪيو ايم جي ڪارنامن سان ڀريل آهن، ايم ڪيو ايم کي پنهنجي ذلت تي غور ڪرڻ گهرجي.

ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ ڇڏي پيپلز پارتي ۾ شموليت اختيار ڪندڙ سردار عزيز سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير چيو ته جن علائقن ۾ ايم ڪيو ايم کي 80 هزار ووٽ ملندا هئا اڄ 5 هزار ووٽ مليا، هنن پارڪن، روڊن ۽ نالن تي حددخليون قائم ڪيون آهن، چيف جسٽس صاحب صحيح چوي پيو ته ڪراچي ۾ قبضا ٿيا آهن.

سعيد غني چيو ته پيپلز پارٽي ڪراچي ۾ جيڪي ڪم شروع ڪيا آهن انهن جا نتيجا توهان جي آڏو آهن، اسان ايم ڪيو ايم جي قتل غارت ۽ بدامني فالو نٿا ڪري سگهون.

هن چيو ته اسان ڪراچي ۾ ننڍيون چونڊون کٽيون آهن ۽ پنهنجي ووٽ بينڪ ۾ واڌ ڪئي آهي، هاڻ مڪاني ۽ عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي ڪراچي مان وڏي پارٽي بڻجي آڏو ايندي.

صوبائي وزير چيو ته ڪا سياسي حڪومت اِهو نٿي ڪري سگهي ته هزارين ماڻهن کي بي گهر ڪري ڇڏي، جڏهن قبضا ٿي ويندا آهن ۽ گهر بڻجي ويندا آهن ته پوءِ هنن کي اٿارڻ سولو ناهي هوندو، الا دين تي ٺهيل مارڪيٽ جي متاثرن کي پهرين سيٽ ٿيڻ لاءِ وقت ڏيڻ گهرجي.

سعيد غني چيو ته پيپلز پارٽي عوام جي خدمت ۾ مصروف آهي، پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ سمورا ماڻهو ڪراچي وارن جي خدمت ڪرڻ چاهن ٿا، ننڍي چونڊ ۾ اسان پهرين کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.