قومي اسيمبلي ۾ اڄ به ڇڪتاڻ، ميمبرن جو هڪٻئي تي بوتلن جو وسڪارو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مسلسل ٽئين ڏينهن به اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي تقرير دوران ميمبرن جي بدنظمي ۽ گوڙ سبب اجلاس ملتوي ڪيو ويو.

اسد قيصر جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي اجلاس شروع ٿيو ته مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شرف مسلسل ٽئين ڏينهن بجيٽ تي پنهنجي اڻ پوري تقرير شروع ڪئي، جيڪا هڪ ڀيرو ٻيهر مڪمل نه ٿي سگهي.

شهباز شريف جي تقرير دوران هن ڀيري ڪتابن کانپوءِ بوتلون اڇلائڻ جو واقعو سامهون آيو ۽ اپوزيشن ميمبر طرفان حڪومتي ميمبرن ڏانهن اڇلايل بوتل تحريڪ انصاف جي اڪرم چيمه کي وڃي لڳي.

اک ۾ بوتل لڳڻ سبب اڪرم چيمه زخمي ٿي پيو ۽ ايوان ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي ڏسندي اسد قيصر اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.